مسلم سائنسدان ۽ انهن سان مسلم ڀائرن جو رويو

طفيل مگسي
تاريخ شاهد آھي ته پنهنجن ئي مسلمان ڀائرن مسلمان سائنسدانن جو جيڪو حشر ڪيو هو.ٿي سگهي ٿو ته اسان جا اڪثر مسلمان ڀائر انهن کان اڻواقف هجن.ڇاڪاڻ ته اسان جي تاريخ ۾ صرف ڪجه هٿ ٺوڪيون ڳالهيون بيان ڪري باقي اصليت کي سدائين عوام کان لڪايو ويندو رهيو آھي ۽ وري نهايت ئي نڪ جي پڪائي ۽ اکٻوث ڪندي اهو بيان ڪندو ويندو رهيو آھي ته اهي اسان جا مسلمان سائنسدان هئا.جيتوڻيڪ علم جو ڪو به مذھب ناهي ٿيندو .مسلمان سائنسدانن سان پنهنجن ئي مسلمان ڀائرن جيڪي رويا اپنايا هئا.انهن ۾ ڪن جو هيٺ مختصر ذجر بيان ڪندس ته جيئن پروڙ پئجي سگهي ته اندر ۾ ابليس واري صفت جا مالڪ آھيون .جڏھن ته ٻاهر کان حضرت موسي عليه واري صفت رکندا آھيون.
يعقوب الڪندي.
فلسفي.طبعيات .رياضي.موسيقي.ڪيميا ۽ فلڪيات جو تمام وڏو ماهر هو.۽ الڪندي جي فڪر جي مخالف خليفي جڏھن اقتدار جون واڳون سنڀاليون ته هن ملن کي خوش ڪرڻ جي لاء الڪندي جا ڪتاب ضبط ڪري هن کي ننڍڙي جي عمر ۾ ڪوڙا هنيا ويايعني هر ڪوڙي کان الڪندي تڪليف ۾ رڙيون ڪندو هو ۽ تماشو ڏسندڙ عوام ٽھڪن مٿان ٽھڪ ڏيندا هئا.
ابن رشد
يورپ جي ۾ مک ڪردار ادا ڪرڻ واري انڊلس جي مشھور عالم ابن رشد کي لادين قرار ڏئي ڪري هن جي ڪتابن کي باه ڏئي ساڙيو ويو.هڪ روايت جي مطابق هن کي جامع مسجد جي ٺلھ سان ٻڌو ويو ۽ هرهڪ نمازي هن جي منهن تي ٿڪ ٿي هنئي.هن عظيم عالم زندگي جا پوئيان ڏينهن ذلت ۽ گمنامي جي حالت ۾ گهاريائين.
ابن سينا
طب جي باني ابن سينا کي به گمراهي جو ڏوهاري قرار ڏنو ويو.مختلف حڪمران هن جي پٺيان رهيا ۽ ھو جان بچائي ڪري لڪندو رهيو.هن پنهنجو اهو ڪتاب جيڪو ڇه سو سالن تائين اوڀر ۽ اوله جي يونيورسٽين ۾ پڙھايو ويو يعني القانون في الطب روپوشيء ۾َلکيو.
ذڪريا الرازي.
عظيم.فلسفي.ڪيميادان ۽ طبيب ذڪريا کي ڪوڙو ملحد ۽ ڪافر قرار ڏنو ويو.ان وقت جي حاڪم حڪم ٻڌايو ته رازي جي ڪتاب کي ان وقت تائين سندس مٿي تي هنيو وڃي.جيستائين يا ته ڪتاب ڦاٽي نٿو پوي يا رازي جو مٿو.ان ريت هن کي بار بار ڪتاب مٿي تي هڻڻ جي سبب کان رازي ويچارو انڌو ٿي ويو ۽ ان کانپوء موت تائين ڪڏھن به هو ڏسي نه سگهيو.
جابر بن حيان
جنهن کي مغربي دنيا ڪيميا جو فادر ڪوٺي ٿي.جنهن ڪيميا.طب.فلسفي ۽ فلڪيات تي ڪم ڪيو.جنهن جا ڪتاب الڪيميات ۽ ڪتاب السابين اوله جي لائبريرن ۾ ملن ٿا.جابر بن حيان سان انتقامي سلوڪ ان ڪري ڪيو ويو ته ان وقت جي حڪومت کي جابر جي وڌندڙ شھريت بدهاضمو ڪري رهي هئي.جابر جو خراسان ۾ رھڻ مشڪل ٿي ويو .هن جي امڙ کي ڪوڙا هڻي هڻي ڪري شھيد ڪيو ويو.جابر پنهنجن ڪتابن ۽ ليبارٽري جو مختصر سامان ساڻ ڪري عراق جي شھر بصره هليو ويو.بصره جا ماڻھو جابر جي ڪم جا چاهيندڙ هئا.جابر جهڙي ڪيمياگر ۽ علمي ڳاله ٻوله هنن ڪڏھن به نه ٻڌي هئي جابر کين کي زمين کان آسمان ۽ زمين کان ان جي تحن تائين جو سفر ڪرايو.حاڪم بصره کي به هن جي شھريت برداشت نٿي .حاڪم جا درٻاري جا جابر جي وڌندڙ علمي شھريت جي لاء خطرو سمجهڻ لڳا.هڪ ڏينهن جابر کي الزامن جي چڪر ۾ آڻي ڪري بصره جي قاضي جي سامهون پيش ڪيو ويو.قاضيء حاڪم جي چوڻ تي جابر کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي ۽ ائين جابر حيان کي اڄ اوله باباء ڪيميا( )سڏي ٿي.ان جي ڪيمياگري.علم.۽ سائنسي ايجادن هن پنهنجي مسلمان ڀائرن کي جادوگر.ملح ۽ ڪافر قرار ڏنو(نعوذ با الله)

پهنجو تبصرو موڪليو