اسلام آباد(بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مسجد نبوي جي بي حرمتي واري واقعي تي داخل ڪيسن جا تفصيل طلب ڪندي گهرو سيڪريٽري کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو آخري موقعو ڏئي ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله مسجد نبوي واقعي کانپوءِ شيخ رشيد ۽ فواد چوڌري خلاف داخل ڪيسن خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، اڳوڻو وفاقي وزير شيخ رشيد عدالت ۾ پيش ٿيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته غير ضروري حراسان نه ڪن، اهڙا ڪم نه ڪن جيڪي هميشه ڪندا آيا آهيون.چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ماڻهن تي بنا سبب ڪيس داخل ڪرڻ سٺي ڳالهه ناهي.هن درخواستگذارن خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.










