مراد شاهه جي سفارش تي گورنر ٽسوڙي سنڌ اسمبلي ٽوڙي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي سفارش تي سنڌ اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي گورنر ڪامران ٽسوڙي صحيح ڪري ڇڏي. سنڌ اسمبلي ٽٽڻ بعد ڪابينا ختم ٿي وئي آهي. قانون مطابق وڏو وزير 3 ڏينهن اندر اپوزيشن ليڊر جي مشوري سان نگران وڏي وزير جا نالا پيش ڪرڻ جو پابند آهي ۽ نگران وڏي وزير جي نامزدگي ۽ حلف بعد مراد شاهه عهدو ڇڏي ڏيندو. وزيرن جي وفد سان گڏ سيد مراد شاهه هٿون هٿ سمري گورنر هائوس کڻي ويو، گورنر سندن آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ پيش ڪيل سمري تي صحيح ڪري ڇڏي. سنڌ اسمبلي 4 سال 11 مهينا 29 ڏينهن هلي. آخري ڏينهن اجلاس گهرايو ويو ۽ مراد شاهه الوداعي خطاب ڪندي چيو ته اسين سنڌ جي عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته ايندڙ چونڊن بعد واپس اينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو