مدي جي بخار کان بچاءُ لاءِ آگاهي مهم سيمينار منعقد

سيوهڻ شريف (رميز علي سولنگي ) سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس جي ڪانفرنس هال ۾ ٽائيفائيڊ (مدي جي بخار) کان بچاءَ بابت آگاهي مهم سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين الدين صديقي، اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ نور احمد کهرو، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڄامشورو ڊاڪٽر مشتاق احمد سولنگي، ڊاڪٽر نجيب الله انصاري، چيئرمين ٽائون ڪاميٽي ڀان سيدآباد محمد صديق ميمڻ، پي پي ايڇ آئي ڊسٽرڪٽ ڄامشوري جي مئنيجر شفيق احمد آڱرو، ذيشان احمد شيخ، ڊاڪٽر منظور احمد بروهي سميت وڏي تعداد ۾ شهرين، سول سوسائيٽي جي نمائيندن، وڪيلن، ڊاڪٽرن ۽ پئراميڊيڪل اسٽاف شرڪت ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين الدين صديقي چيو ته مدي جو بخار صدين کان هلندڙ آهي، مليريا ۽ ٽائيفائيڊ جو پهريان سستو علاج ٿيندو هو پر هاڻي مهانگو ٿي ويو آهي، مدي جو بخار هڪ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري چڪو آهي هڪ دفعو جنهن کي مدي جو بخار ٿئي ٿو ته ان کي ٻيهر نه ٿو ٿئي.

هن وڌيڪ چيو ته جڏهن مريض کي خبر پئي ٿي ته ٽائيفائيڊ جي بيماري ٿي آهي ته ان کي ڊاڪٽر جي ڏنل مشوري تي مڪمل عمل ڪندي مڪمل علاج ڪرائڻ گهرجي پر هتي ماڻهو مڪمل علاج نه ٿا ڪرائين. هن چيو ته مدي جي بخار کان بچاءَ لاءِ 9 مهينن کان 15 سالن تائين جي ٻار کي حفاظتي ٽڪا لڳايا پيا وڃن جيڪا مهم 18 نومبر کان 30 نومبر تائين جاري رهندي. مدي جو بخار هٿ صاف طريقي سان نه ڌوئڻ سبب به ٿئي ٿو جڏهن ته صاف پاڻي استعمال نه ڪرڻ ۽ کاڌي ۾ تازيون سبزيون يا شيون استعمال نه ٿيڻ سبب به مدي جي بخار ٿيڻ جا انديشا آهن، ان جي ڪري احتياط لازمي آهي. ڊاڪٽر معين الدين صديقي وڌيڪ چيو ته پهرين مرحلي ۾ وئڪسين مهم ميونسپل ڪميٽي سيوهڻ ۽ ٽائون ڪاميٽي ڀان ۾ شروع ڪري رهيا آهيون عوام کي ان مهم جي ڪاميابي لاءِ ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪريون ٿا سيمينار کي اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ نور احمد کهري، ڊي ايڇ او ڄامشورو ڊاڪٽر مشتاق احمد سولنگي، چيئرمين محمد صديق ميمڻ، ڊاڪٽر منظور بروهي، سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو