ماڻهن ۽ جانورن لاءِ دوزخ بڻيل ٿر برسات بعد جنت بڻجي ويو

اسلام ڪوٽ (صادق بجير) ٿرپارڪر۾ برسات پوڻ  کانپوءِ ٿر پاڪستان جي اترين علائقن ۽ سوئيزلينڊ جهڙو ڏيک ڏئي رهيو آهي. ٿر ۾ برسات پوڻ کان پوءِ ٿر جي ماروئڙن جي منهن تي مرڪون موٽي آيون آهن. ڀڙڀانگ ڀٽن سائو ويس اوڍي ورتو آهي ۽ هر طرف تا حد نگاهه ساوڪ ئي ساوڪ نظر پيو اچي.

ٿر جو جنت جهڙو منظر ڏسڻ لا۽ سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن توڙي پرڏيهه مان به ڪيترائي سياح روزانو اچي رهيا آهن پر افسوس اهو آهي ته سياحن لاءِ ٿر ۾ انتظام ناڪافي آهن. ڪجهه سياحن جڳه جڳه تي ناڪن ۽ رينجرز جي چيڪنگ تي به اعتراض واريو ته هرو ڀرو ابتا سبتا سوال پڇيا ٿا وڃن. ٿر وسڻ بعد ماڻهن سان گڏ مال مويشي به خوش آهن، گاهن جي گلزاري لڳي پئي آهي.

برسات کان اڳ سڪل گاهه کائي ڏٻرا ٿي ويل ڍور ڍڳا به ساوا قدرتي گاهه کائي مچي پيا آهن. برساتن کان اڳ دوزخ جو ڏيک ڏيندڙ ٿر وٺي کانپوءِ جنت بڻجي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو