ماڻهن جي پرواهه نه ڪريو، جيڪو دل چاهي اهو ڪريو: شعيب ملڪ

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ جو مشورو آهي ته انسان کي ماڻهن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ جيڪو سندس دل چاهي اهو ڪرڻ گهرجي.قومي ڪرڪيٽر شعيب ملڪ ۽ اداڪارا ثنا جاويد اڄڪلهه پنهنجي ٻي شادي جي حوالي سان خبرن ۾ آهن، ان ئي وقت شعيب طرفان اڳوڻي گهرواري ثانيه مرزا سان ڏنل مختلف انٽرويو ڪلپس وائرل ٿي رهيا آهن. تازو ئي شعيب ملڪ جو هڪ وڊيو انٽرويو هڪ ڊجيٽل چينل طرفان شيئر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ميزبان حنا الطاف جي هڪ سوال جي جواب ۾ شعيب ماڻهن کي مشورو ڏنو آهي.شعيب ملڪ چيو ته انسان کي اهو ڪرڻ گهرجي جيڪو سندس دل چاهي، اهو نه سوچيو ته ماڻهو ڇا چوندا، جيڪو ڪرڻ چاهيو سو ڪريو، چاهي 10 سال لڳي وڃن، 20 سال لڳي وڃن، جيڪڏهن 20 سالن کان پوءِ به سمجهو. توهان کي ڪرڻ گهرجي.اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته توهان ڪجهه نه به ڪيو پر ماڻهن جو ڪم سوچڻ آهي، ڪجهه شيون اهڙيون به هونديون آهن جن بابت اسان نه سوچيندا آهيون پر ماڻهو اسان جي باري ۾ سوچيندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو