مانجهند ٿاڻي کي 100 سال پورا، پوليس وارن جو جشن

مانجهند (مهراڻ عمراڻي) شهر جي ٿاڻي کي هڪ سئو سال مڪمل ٿيڻ تي عمارت کي ساڳئي نموني سان مرمت ڪرائي جشن جي تقريب منعقد ڪرائي وئي. ايڊيشل آء جي سنڌ پوليس ولي الله دل ڊي آء جي حيدرآباد نعيم شيخ ايس ايس پي ڄامشورو امجد شيخ ايس ايڇ او مانجهند علي پريو عمارت جو افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي ولي الله دل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو پوليس کي عوام جو خادم ٿي خدمت ڪرڻ گهرجي مانجهند جي ٿاڻي کي سئو سال مڪمل ٿيڻ به هڪ وڏي تاريخ آھي پوليس جي ڪنهن به قسم جي کوٽ ناهي هر هنڌ حاضر هوندي عملي جي زبون ڪواٽرن لاء سرڪار کي لکنداسين ته فنڊز ڏيو.  ان موقعي تي پوليس ڪمانڊو اسڪاڊ سلامي پڻ پيش ڪئي تقريب ۾ وڏي انگ ۾ علائقي جي معززين شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو