مارڪ مارگوليس 83 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي اداڪار مارڪ مارگوليز 83 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب اداڪار نيويارڪ جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو جتي کيس بيماري سبب داخل ڪيو ويو هو.رپورٽن مطابق مارڪ مارگوليز ڪجهه ڏينهن کان بيمار هو ۽ اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جتي هن خميس ڏينهن آخري سانس ورتو.پرڏيهي ميڊيا موجب مارڪ مارگوليز جي زال ۽ پٽ اسپتال ۾ ساڻس گڏ هئا.رپورٽن مطابق اداڪار پنهنجي ڪيريئر دوران ڪيترن ئي ٽي وي شوز ۽ فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب مارڪ مارگوليز کي ڊرامي سيريز ”بريڪنگ بيڊ“ ۾ ڪم ڪرڻ تي 2012ع ۾ ايمي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو