مادي ترقي ۽ سماجي ارتقا

طفيل مگسي
اڄ تائين جيڪي ڪجه به لکيو ويو آھي.اهو چاهي روايتي هجي يا مزاحمتي مواد هجي.ڪنهن جي به خلاف هجي يا ڪنهن جي به حمايت ۾ ھجي.اخبارون.رسالا ۽ ڪتاب سڀ سرمائيدار ئي ڇاپين ٿا .هر لفظ.هرسٽ.هر پيراگراف ۽ هر صحفي جي لاء پئسو گهربل هوندو آھي ۽ اهو پئسو سرمائيدار وٽ ئي هوندو آھي.اهوئي پسئو خرچ ڪري ٿو ۽ اهوئي ڪمائي ٿو.کيس کي اهاپرواه ناهي هوندي ته لکيل مواد جنهن کي هو ڇاپي رهيو آھيپاڻ ھن جي خلاف آھي.هن کي فقط پنهنجي ناڻي جي پروسه آھي باقي سڀ ڪجه اتفاقي ۽ غير اهم.آھي.
ڪارل مارڪس چيو هو ته“جيڪڏھن ماڻھن کي ڦاسي ڏيڻ شروع ڪئي وڃي.سرمائيدار بنا ڪنهن احساس جي ڦاسي جا ڦندا ٺاهڻ شروع ڪندو ۽ اهو دنيا ۾ آخري ماڻھو هوندو جنهن کي ڦاسي چڙھڻو آھي ته آخري ڦاسي جو ڦندو پاڻ ئي پروڊيوس ڪندو.“
گذريل پنجن ڇهن سالن ۾ انسان جيتري ترقي ڪئي آھي.ان جي بنياد ۾ سرمايي جو مرڪزي ڪردار رهيو آھي.مارڪس سماجي ارتقا کي مادي تاريخي ارتقا قرار ڏيندي چئي ٿو ته اخلاق ڪنهن روايت.ڪنهن ارتقا جي ڪري نٿا ٺھن.ارتقا جو سبب صرف مادي ترقي هوندي آھي.مادي ترقي سان گڏوگڏ سماجي ضرورتون جنم وٺن ٿيون.جن کي هينڊل ڪرڻ جي لاء قانون ٺاهيا وڃن ٿا.جيڪي بعد ۾ روايت بڻجي ڪري مقدس اخلاقيات سڏجن ٿيون.
اسان جي پنهنجي مشاهدي جي لاء عربن جو زنده مثال اسان جي سامهون آھي.1950ع تائين عربن کي خاص ڪري حرمين شريفين جي رهواسين کي برصغير جا رئيس چندو ڪري حج جي ڏھاڙن ۾ رقمون موڪليندا هئا.ان جي باوجود ته عرب خلافت جو وڏو حصو هئا.مگر مادي وسيلن جي نه هئڻ سبب انهن جون سماجي حالتون نهايت بريون هيون.وري 1970ع ۾ اهي خلافت کان الڳ ٿيا۽ 50ع جي ڏھاڪي کانپوء تيل جي دريافت ٿي .هتان کان سندن جون حالتون بدليون ۽ اڄ شايد سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته ۽ جديديت جا لائق آھي ئي بدو آھن.
اسرائيل کان جديد ٽيڪنالوجي ۽ زراعت سکي ڪري اڄ رڻ پٽ ۾ ھر قسم.جو اناج اپائين ٿا.ايستائين ته اسرائيلي ٽيڪنالوجي جي وسيلي سمنڊ جو چهرو پاڻي مٺو ڪري فصلن کي ڀرائين ٿا.اهي سڀ ڪنهن روايت جون برڪتون ناهن بلڪ مادي ترقي ۽ سائنس جي مدد سان معجزا برپا ٿيا آھن.برضغير جا ماڻھو مادي ترقي جي لاء تعليم صنعت جي وسيلي سکڻ جي بجاء لڪشمي ديوي.خواجا اجمير.داتا صاحب ۽ امام بري کان مدد گهرين ها.جڏھن ته پاڻ انهن بزرگن جو سمورو ڪروفر ۽ شوڪت انهن جي مادي ترقي جي وسيلي آھي.جنهن جو رائٽ بٽڻ ڪلڪ ٿي ويو.اهو ڪلڪ ٿيو.جنهن جو مٽيريل نه وڪرو ٿي سگهيو.اهو زماني جي ڌوڙ جي حوالي ٿي ڪري مٽجي ويو.
ياد رکڻ جي ڳاله اها آھي ته ايولوشن جي مک ماديت آھي.
مارڪس انهيء ناياب نقطي کي بيان ڪندي اهو سمجهي ٿو ته جيڪڏھن ملڪيت جي جهنجهٽ کان انسان کي آزاد ڪيو وڃي ۽ منصوبابند معشيت کي اپنايو وڃي ته سماج ۽ گلوب ٻنهيء ۾ ترقي ناقابل طور تي ڀري سگهجي ٿي.جنهن جو فائدو آخر ۾ زميندارن کي ئي ٿيئي ٿو.عظيم چين جو مثال اوهان جي سامهون آھي .گذريل چئن سالن ۾ پاڪستاني معشيت ترقي ته خاڪ ڪري ها بلڪ ٽريڪ تي به نه اچي سگهي.جڏھن ته چين پنهنجي ڏھ ڪروڙ شھرين کي غربت کان ڪڍي ڪري 7ٖ08 تي ڪيپٽا ۾ شامل ڪيو.پاڪستان ۾ ٽيڪسز سان عوام جي هڏن ۽ رت کي نپوڙيو ويو آھي.
هتي مان پاڪستان جو ئي مثال پيش ڪرڻ چاهيندس.ڀٽو جي ٽيم.سوشلزم ۾ ٻه اها خوبي هئي ته ملڪ ۾ غربت هئي ۽ پئسن جي کوٽ به نه هو.ڪوآپريٽو سوسائٽين جي وسيلي ماڻھو گڏجي سڏجي ڪري به گهر ٺاهي وٺندا هئا.ڪوآپريٽو سوسائٽي سوشلزم ڪميون جي بنياد تي هوندي آھي.بعد ۾ ان ڪوآپريٽو سوسائٽي جو تصور ڪسرپوريٽ بڻجي ڪري سمورن ماڻھن جي سموري جدوجهد کي هڙپ ڪري ويو.
سواڄ هڪ ماڻھو ٻن ڪمرن جو گهر ٺاهڻ جو قسوچي به نٿو سگهي.
ڪارپوريٽ ورلڊ جي اچڻ سان پئسو غريب ملڪن کان ٽريول ڪري ترقي يافته ملڪن ۾َپهچي پڃي ٿو.جنهن جي نتيجي ۾ مقامي ترقي رڪجي وڃي ٿي ۽ سماج پسماندگي جو شڪار ٿي ڪري تباه ٿي وڃي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو