ماحولياتي تبديلين بابت ’ايڪو سهيلي‘ مهم جي پڄاڻي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)’ايڪو سهيلي‘ سورميون ۽ ٽاڪوري جي تعاون سان موسمياتي تبديلين جي آگاھي جي سلسلي ۾ تقريب بليڪ هول ۾منعقد ڪئي وئي. جنھن ۾ 2022 ۾ پاڪستان ۾ آيل ٻوڏن ۽ صنفي نقطہ نظر سان ٻوڏن ۽ انھن جي اثرن ۽ ان مان حاصل ڪيلِ سبقن جي عنوان سان ھئي. ان پروگرام ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري آيل ٻوڏن جي تباھ ڪارين تي آگاھي پڻ ڏني وئي، جنھن ۾ پاڪستان جي اٽڪل 33 ملين آبادي متاثر ٿي ۽ ملڪ کي مالي ۽ جاني نقصان رسيو، ڪيترا ئي انسان، جانور، ملڪ جا بنيادي ڍانچا، اسڪول، اسپتالون، ۽ فصل پڻ تباھ ٿيا. 5 جون تي ماحوليات جي عالمي ڏينهن تي ان مھم جو پڄاڻي ٿي. سورميون ۽ ٽاڪوري جي باني گل ناز شيخ باقاعدا موسمياتي تبديلين جي حوالي سان ٽن سالن جي پروگرام جو اعلان ڪيو ۽ چيو تہ موسمياتي تبديلين جي ڪري پيدا ٿيندڙ حالتن ۾ عورتون، ٻار ، بزرگ، خواجا سرا، معذو ماڻھو ۽ پسماندا برادريون وڌيڪ متاثرٿين ٿيون ۽ انھن کي آفتن وقت نظر انداز ڪيو وڃي ٿو. ’ايڪو سھيلي‘ انھن ماڻھن جو آواز آھي ۽ انھن جي فلاح لاءِ ڪم ڪري رھي آھي. ايڪو سھيلي مھم، چئن ھفتن جي حساب سان چئن مختلف موضوعن ھيٺ ڪم ڪيو. جنھن ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري پيدا ٿيندڙ عورتن ۽ ٻين صنفن کي بااختيار بڻائڻ، ماحول ۽ انسانن جو گڏيل تعلق، ماحولياتي انصاف ۾ ڊجيٽلائيزيشن ۽ اي آءِ جو ڪردار، ۽ ايڊووڪيسي ذريعي ماحولياتي تبديلين لاءِ آواز اٿارڻ شامل آھن. ھنن موِضوعن ھيٺ سورميون مختلف ادارن سان ملي ڪري پوري پاڪستان اندر مختلف سرگرميون ڪرايون، جنھن ۾ ماحولياتي تبديلي تي ڊائيلاگ، آفتن دوران صنفي حساسيت کي مدنظر رکندي ميڊيا جو ڪردار، زوم ميٽنگز، ٻارن لاءِ اسڪولن اندر ماحول دوست سرگرميون، ھائيڪنگ ۽ پلاسٽڪ فري مارگلا ھلز، ٻارن جا ڊرائنگ مقابلا، ۽ وڊيو پيغام شامل آھن. ان کان علاوا ايڪو سھيلي جي والنٽيئرز مختلف اخبارن ۾ ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان آرٽيڪلز۽ بلاگز پڻ لکيا. ھن مھم ھيٺ مختلف ٽي وي چينلز تي پروگرام ۽ پوڊ ڪاسٽ جو سلسلو به جاري آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو