ڀارتي دعويٰ جا پول پڌرا، سفارتڪارن شهري آبادين جي تصديق ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورور رپورٽ)پاڪستان ڀارتي دعويٰ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا غير ملڪي سفارتڪارن نيلم وادي ۾ ڀارتي فوج پاران شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ وارين جاين جو دورو ڪرڻ لاءِ نيلم وادي جو دورو ڪرڻ بعدڀارتي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو. ملائيشيا جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنرڊيڊي فيصل چيو ته علائقي ۾ ڪٿي به دهشتگردن جي ڪيمپ جو ڪو ثبوت نه مليو، متاثر ٿيل عام شهري آهن. دوري بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڏکڻ آفريڪا جي قائم مقام هاءِ ڪمشنر ڪرسٽو جينز وين چيو ته ڀارتي فوج مهذب پڻي ۽ انسانيت جي خلاف ورزي ڪندي عام شهرين کي نشانو بڻايو آهي. بوزنيا جي سفير ثاقب فورڪ چيو ته عام شهري نشانو بڻيا جيڪي تمام ساد ۽ مهمان نواز ماڻهو هئا. ڀارت جي دعويٰ غلط آهي. چيني سفير چيو ته شهري انساني جانين جي ضياع تي افسوس ٿيو ۽ چين ڀارت ۽ پاڪستان تي زور ڏئي ٿو ته هو ڳالهين ذريعي اقاوم متحده جي ٺهرائن موجب مسئلو حل ڪن. ڀارتي هاءِ ڪميشن جي ٽاپ ڊپلوميٽ کي به دوري جي آڇ ڪئي پرهنن مان ڪو به نه هليو.

ميجر جنرل آصف غفور سفارتڪارن کي بريفنگ ڏيندي (فوٽو آءِ ايس پي آر)

گذريل آچر تي ڀارتي فوج جورا، شاهه ڪوٽ ۽ نوسهري ۾ شهري آبادي کي نشانو بنائڻ بعد ديويٰ ڪئي هئي ته هنن ٽن شدت پسندن جي ڪيمپن کي تباهه ڪيو آهي. پاڪستان ڀارتي ديويٰ رد ڪندي کين چيو هو ته ااوهان لوڪيشن فراهم ڪريو ڪيمپن جي. جنهن بعد پاڪستان پرڏيهي سفارتڪارن کي ٽنهي متاثرسيڪٽرز جو دورو ڪرائي رهيا آهن. پرڏيهي کاتي جو ترجمان ڊاڪٽر فيصل به هنن سان گڏ آهي. اڱاري تي صبح جو هن ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته ڀارت اڃا تائين ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پيشڪش جو جواب ناهي ڏنو ۽ پاڪستان کي سندن جواب جو انتظار آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڀارت پاران پاڪستان ۾ شدت پسندن جون ٽي ڪيمپون تباهه ڪرڻ واري دعويٰ ٺيڪ آهي ته هو لوڪيشن شيئر ڪن.

ياد رهي ته ڀارت پاڪستان ۾ شهري آبادي کي نشانو بنائيندي شيلنگ ڪئي هئي جنهن ۾ هڪ فوجي سميت 7 شهري شهيد ٿيا هئا ۽ 11 زخمي ٿيا هئا. جنهن بعد ڀارتي آرمي چيف  چيو هو ته هنن شدت پسندن جي ڪيمپن کي ڪاميابي سان نشانو بنايو آهي. جنهن تي ميجر جنرل آصف غفور کين چيلنج ڪيو ته اوهان لوڪيشن شيئر ڪريو اسين سفارتڪارن ۽ ميڊيا وارن کي ان جو دورو ڪرائي رهيا آهيون.

جنهن جو ڀارت ڪو به جواب ناهي ڏنو ۽ پاڪستان کي ڀارتي جواب جو انتظار آهي. ڀارتي سفارڪار پاران ايل او سي جو دورو نه ڪرڻ تي ميجر جنرل آصف غفور ٽوئيٽ ڪندي چيو هو ته ڀارتي هاءِ ڪميشن ڇا ته بهتر آهي جو پنهنجي آرمي چيف جو ساٿ نه پئي ڏي. ڀارتي افرتڪارن ۾ اها اخلاقي جرئت ناهي ته هو سٿي افارتڪارن سان گڏ ايل او سي جو دورو ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو