لوسڻ کائڻ تي بندوق هڻي ٻه ڳئون ماريندڙ وڏيرو گرفتار

خانپورمهر(رپورٽ حميد سيال) ڳوٺ نظر علي خان گڏاڻي ۾ وڏيري جي زمين ۾ پوکيل لوسڻ کائڻ تان بااثرظالم وڏيري زمان گڏاڻي پنهنجي ساٿين سان گڏجي لوسڻ کائيندڙ ٻه ڳئون بندوق هڻي ماري ڇڏيون. مالوند ظفرالله گڏاڻي خانپورمهر ۾ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته وڏيري جي زمين ۾ لوسڻ کائڻ تان بااثر وڏيري زمان گڏاڻي ۽ سندس ساٿين ممتاز۽ مقبول گڏاڻي بندوق هڻي منهنجون ٻه ڳئون ماري ڇڏيون آهن، پنج ڳئون وڏيرو ڪاهي پاڻ وٽ بيهاري ڇڏيون آهن. ڳوٺاڻي ظفرالله گڏاڻي موجب بااثر وڏيري ۽ سندس ساٿين خلاف خانپورمهر ٿاڻي تي واقعي جي اين سي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي آهي ، ڳوٺاڻي آءِ جي سنڌ ،ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور بااثر وڏيري خلاف ڪاروائي ڪري مٿس بي زبان جانورن کي مارڻ جو ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او خانپورمهر ذوالفقار مهر ٻڌايو ته ڳئون ماريندڙ وڏيري زمان گڏاڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي ماريل ڳئن جو پوسٽ مارٽم ڪرايون پيا پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو