لابارو ڪرڻ نه ٿو ڏنو وڃي، ڳوٺاڻن جو پوليس تي الزام

پکو(عبدالوحيد ميئو) ميئو برادري ۽ شھرين جو پوليس جي ڏاڍاين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سلطان احمد ميئو، شفقت ميئو، منير ميراڻي، اسلم خشڪ، حضوربخش بروهي ۽ ٻين دانھيندي چيو ته پکو پوليس اسان جي زمين ۾ ٿيندڙ سارين جو لابارو روڪرائي ڇڏيو آھي جڏھن ته اھا زمين ٻن ڀائرن جي ملڪيت آھي پر پوليس رشوت وٺي ان معاملي ۾ مداخلت ڪري سارين جو فصل کڻڻ ٿي چاھي جڏھن ته ھن زمين جو معاملو برادري جي چڱن مڙسن جي پنچائت ۾ ويل آھي جيڪو فيصلو ٿيندو ان تي ڌريون قبول ڪنديون پر پوليس ھڪ ڌر جي ونگار وھندي تنگ ڪري رھي آھي. ھوڏانھن پکو پوليس جو موقف آھي ته شھري سلطان احمد ناجائزي ڪري پنھنجي ڀاءُ سليمان ميئو جي زرعي زمين سروي نمبر 103 تي قبضو ڪيو آھي ۽ فريادي جي دانھڻ تي اسان ان معامري جو ڪيس به درج ڪيو آھي ھنن جو احتجاج فساد وڌائڻ آھي جڏھن ته پوليس جھيڙي کي روڪڻ لاءِ ڌرين کي ھدايت ڪئي وئي آھي ته معامرو راڄوڻي بجاءِ قانوني طريقي سان حل ڪيو وڃي. اسان فريادي جي دانھڻ تي زرعي زمين تي تيندڙ جھيڙي کي ٽارڻ لاءِ ڪجھ اھلڪار مقرر ڪيا ھئا. جيڪڏھن ڌريون پاڻ ۾ صلح ڪن ٿيون ته اسان ڪيس خارج ڪري ڇڏينداسين نه ته ٻي صورت ۾ ڪيس جي نوعيت مطابق قانوني گھرجون پوريون ڪيون وينديون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو