قلات ۾ ھٿياربندن هٿان دڪان تي ويٺل واپاري قتل، هڪ زخمي

شهدادڪوٽ (ن س) بلوچستان جي شھر قلات ۾ ھٿياربندن هٿان دڪان تي ويٺل واپاري قتل، هڪ زخمي ٿي پيو ٻڌايو پيو وڃي ته بلوچستان جي شھر قلات ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ دڪان تي ويٺل واپاري قتل ٿي ويو، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو گوليون لڳڻ سبب واپاري ليلا رام ٿڏي تي مارجي ويو، سندس پوٽو ڪرن ڪمار زخمي ٿي پيو، زخمي کي ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو اھڙي اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ليويز فورس پهچي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ناڪابندي ڪري ڇڏي، جڏهن ته معاملي جي خبر نه پئجي سگهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو