اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اقتصادي سست رفتاري سان توانائي جي طلب ۾ گهٽتائي سبب پاڪستان طرفان قطر سان ٿيل وڏي عرصي جي معاهدي تحت قدرتي گيس ايل اين جي جي فراهمي گهٽائڻ لاءِ درخواست ڏيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. رپورٽ مطابق ذريعن ٻڌايو ته 28 نومبر تي ڪابينه جي اقتصادي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ پنجاب ۾ حويلي بهادر شاهه ۽ بلوڪي ۾ نيشنل پاور پارڪس مينيجمينٽ ڪمپني 2 هزار 650 ميگاواٽ جي 2 ايل اين جي پلانٽس جي نجڪاري سبب خطري جي ڪري قطر سان مذاڪرات جي تجويز لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزارت پيٽروليم جي ذريعن مطابق وزيراعظم جي مشير خزانه ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ طرفان قطر سان مذاڪرات جي تجويز پيش ڪئي وئي. ان کان علاوهه وزيراعظم جي معاون خصوصي پيٽروليم نديم بابر به اي سي سي کي آگاهه ڪيو ان کان قطر اعليٰ سطح تي ايل اين جي جون قيمتون گهٽائڻ جون ڪوششون قبول نه ڪيون هيون. هنن ٻڌايو ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ دوحا ۾ وزيراعظم جي دوري دوران ان وقت جي وزير خزانه اسد عمر قطر سان 15 سالن جي معاهدي تحت پاڪستان کي ملندڙ ايل اين جي جي قيمت گهٽائڻ جي درخواست ڪئي هئي نديم بابر ٻڌايو ته قطري حڪام چيو هو ته ٻين ملڪن سان گڏ اهڙي قسم جا 26 معاهدا آهن ۽ ايل اين جي قيمت گهٽائڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. پر قطري حڪومت پاڪستان جي خساري ۾ گهٽتائي لاءِ ڪنهن ٻئي منصوبي تي غور ڪرڻ لاءِ تيار هئي. پر 2 آپشنز تي غور ڪيو ويو جنهن ۾ پاڪستاني بينڪن ۾ قطر جي غير ملڪي زخيرن جي مٽاسٽا ۽ گهٽ قيمت تي ايل اين جي جي اضافي مقدار جي فراهمي شامل هئي. پر ان ۾ ايل اين جي جي اضافي فراهمي جي آپشن کي ان وقت جي وزير پيٽروليم غلام سرور خان رد ڪيو هو. ٻئي طرف ڊاڪٽر حفيظ شيخ پيٽروليم ڊويزن کي مشورو ڏنو هو ته قطر سان ايل اين جي فراهمي واري معاهدي ۾ تبديلي لاءِ نوان آپشن کڻي ۽ پوءِ پاڪستان قيمتن جي فرق کي منظور ڪرڻ لاءِ تيار هوندو. اقتصادي رابطه ڪميٽي جي ڪجهه ميمبرن نشاندهي ڪئي هت 300 ارب رپين ۾ 2 پاور پلانٽس جو وڪرو ۽ ان پاور پلانٽس لاءِ ايل اين جي جي قيمت جي فرق لاءِ ساليانو 117 ارب رپيا سبسڊي غير دانشمنداڻو فيصلو لڳي ٿو. وفاقي ڪابينه حڪم ڏنو ته اين پي پي ايم سي ايل جي نجڪاري منصوبي کي فوري طور تي حتمي شڪل ڏئي ان تي توانائي جي خريداري ۽ تيل سپلائي جي موجوده معاهدن جي بنياد تي عملدرآمد ڪيو وڃي.
