ملتان (ويب ڊيسڪ)شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاريءَ خلاف پرامن ملڪ گير احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو،شاهه محمود قريشي پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته ڪارڪن احتجاج دوران ڀڃ ڊاهه کان پاسو ڪن،پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاريءَ کانپوءِ مشاورت لاءِ پارٽيءَ جي ڪور ڪميٽي جو اڄ اجلاس طلب ڪيو ويو آهي،اجلاس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاريءَ خلاف حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو،شاهه محمود قريشي چيو ته عوام ۾ عدالتي فيصلي تي بي چيني، ڏک ۽ ڪاوڙ پکڙيل آهي،ان کان اڳ تحريڪ انصاف جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جو پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف فيصلو تعصب تي ٻڌل آهي، همايون دلاور جي فيصلي کي اعليٰ عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو هو
