قرآن پاڪ جي بي حرمتي: بلاول جو يو اين سيڪريٽري سان رابطو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب بلاول ڀٽو زرداري اسلام فوبيا خلاف گڏيل قومن جي گڏيل ڪارروائي جي ضرورت تي زور ڏنو.ڳالهين دوران پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ٻوڏ کانپوءِ بحالي جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ترجمان موجب پرڏيهي وزير انتونيو گوتريس سان ترقي پذير ملڪن ۾ فوڊ سيڪيورٽي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.بلاول ڀٽو انتونيو گوتريس سان اسود سمنڊ ۾ خوراڪ جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو