قتل ڪيس، جوابدارن کي ٽيهه ٽيهه سال قيد ۽ ڏنڊجي سزا

نوشھروفيروز(ڊ ر) عدالت قتل ۽ جهيڙي جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي ٽيھ ٽيھ سال قيد ۽ پوڻا ٽي ٽي لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. فرسٽ ايڊيشنل سيشن اينڊ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج عبدالوحيد شيخ جي عدالت جوابدارن   شھزادو ۽ عظيم چانڊيو کي سزا ڏني۔ واضح  رھي ته اٺ سال اڳ ڀاڳو ديرو ٿاڻي تي فريادي مستي خان ڪلھوڙو ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته اسان ڳوٺ نبي بخش ڪلھوڙو ۾ زمين تي لڳل ٽيوب ويل تي ويٺا ھئاسين ته ھر ھڪ جوابدار شھزادوعرف شادو چانڊيو، عظيم چانڊيو، ڍولڻ چانڊيو، سڄڻ ۽ اربيلو چانڊيو ھٿيارن سان آيا، اسان کي زمين خالي ڪرڻ جو چيو ۽ جوابدارن اسان سان جھيڙو ڪري تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد شھزادو چانڊيو ڪلاشنڪوف جا سڌا اٺ فائرڪري عبداللّه ڪلھوڙو کي قتل ڪري ھوائي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. ٻڌڻي دوران فريادي جي وڪيل ذوالفقار پنهور، شڪيل عباسي ۽ جوابدارن جي وڪيل عدالت ۾ پنهنجا دليل ڏنا. عدالت اھڙو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدارن کي 25/25 سال سزا ۽ اڍائي اڍائي لک روپيه ڏنڊ ۽ ٻئي قلم  ۾ 5/5 سال سزا ۽ 25/25 ھزار روپيه ڏنڊ جي سزا ڏئي ڇڏي. واضح رهي ته هن ڪيس ۾ جوابدار ڍولڻ، سڄڻ ۽ اربيلو چانڊيو روپوش آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو