فيض حميد جي ڀاءُ خلاف اينٽي ڪرپشن ۾ جاچ شروع

لاهور: (ويب ڊيسڪ) اينٽي ڪرپشن اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد جي ڀاءُ نائب تحصيلدار نجف حميد خان خلاف جاچ شرع ڪري ڏني آهي.اينٽي ڪرپشن نجف حميد خلاف زمين جي منتقلي جي فيس ۾ غلط استعمال جي معاملي تي جاچ شروع ڪري ڏني آهي. نجف حميد جي مقرري دوران چڪوال جي 5 موضن ۾ ڪروڙين روپين جي زمين جا 60 کان وڌيڪ فوتين جي فيسن ۾ بي ضابطگين جا ثبوت مليا آهن. اينٽي ڪرپشن جي ذريعن موجب چڪوال جي 9 موضن ۾ نائب تحصيلدار نجف حميد جي مقرري دوران ٿيندڙ سمورين فيسن جي آڊٽ شروع ڪري ڇڏي آهي. جون 2021 کان فيبروري 2023 تائين نجف حميد جي مقرري دوران سمورن فوتگين جي جاچ جاري آهي. اينٽي ڪرپشن جي جاچ ٽيم کي اشنام ڊيوٽي، رجسٽري فيسن ۽ ود هولڊنگ ٽيڪس ڪٽوتين ۾ ٿيندڙ بي ضابطگين جون شاهديون ملي ويون آهن.اينٽي ڪرپشن جي شروعاتي اسڪروٽني دوران 50 کان وڌيڪ فوتگين جي فيسن جا چالان رڪارڊ ۾ موجود نه هئا. اينٽي ڪرپشن جي اسڪروٽني دوران فيسن ۾ بي ضابطگيون پڪڙيون ويون آهن. جنهن کان پوءِ هاڻ سمورين فوتگين جو نئين سر آڊٽ شروع ڪيو ويو آهي. اينٽي ڪرپشن جي جاچ کان پوءِ 18 کان 21 جولاءِ تائين 5 پٽوارين بي ضابطگين ڪيل فيسن ۾ 20 لک روپيه جمع ڪرايا.

پهنجو تبصرو موڪليو