ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اسڪولي فيس ۾ 20 سيڪڙو رعايت نه ڏيندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت حڪم ڏنو آهي ته فيس ۾ رعايت نه ڏيندڙ اسڪولي انتظاميا خلاف والدين شڪايت داخل ڪرائين، اُن کانپوءِ ڊي جي پرائيويٽ اسڪولز قانون پٽاندڙ ڪارروائي ڪري، عدالت ڊي جي پرائيويٽ اسڪولز کي 20 ڏينهن ۾ عملدرآمد رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڊي جي پرائيويٽ اسڪولز عدالت کي خاطري ڪرائي ته فيس ۾ رعايت نه ڪندڙ اسڪولز جي انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
![](https://www.dailysindhyar.com/wp-content/uploads/2020/08/SHC-Logo-FB-221x218-1-800x320.jpg)