فيس بڪ تي جعلي خبرون شيئر ڪرڻ وارن سان ڇا ٿيندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سماجي رابطن جي سڀ کان وڏي ويب سائيٽ فيس بڪ سڀني صارفين کي آگاهي ڏني آهي ته جيڪڏهن ٽائيم لائين تي ڪو صارف جعلي خبرون شيئر ڪندو رهيو ته پوءِ هو ڪجهه به شيئر نه ڪري سگهندو. اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته ڪيترائي ماڻهو جتي فيس بڪ مان فائدو حاصل ڪن ٿا اتي ڪيترائي ماڻهو جعلي خبرن جي ڪري پريشان ٿي ويندا آهن. فيس بڪ ان حوالي سان ڪجهه قدم کڻي رهيو آهي ، جنهن جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن. ڪمپني طرفان جاري ڪيل پريس رليز موجب ان اڪائونٽ خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي جيڪو مسلسل غلط خبرون شيئر ڪري رهيو هوندو. پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به قسم جي خبر ، چاهي اها ويڪسين سان تعلق رکي ٿي يا ڪورونا وبا يا ڪا ٻي خبر، اها جعلي هوندي ته ڀڃڪڙي ڪندڙ کي هر قسم جي شيئرنگ کان روڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ ، فيس بڪ هڪ نوٽيس جاري ڪندو جنهن تحت غلط خبر پکيڙڻ واري صارف جي پوسٽ نيوز فيڊ جي تري ۾ هلي ويندي. اها پاليسي نه صرف انفرادي صارفين تي پر فيس بڪ پيجز تي به لاڳو ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو