فوج چونڊن کان پري رهي،عوامي ووٽ تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏبو، مولانا

اسلام آباد (اياز مهر) مولانا فضل الرحمان سڄي ڏينهن جي سياسي مصروفيتن ۽ ظاهري ۽ ڳجهن رابطن بعد پوڻي ڏهين وڳي خطاب ڪندي چيو ته هي اسلام آباد جي تاريخ جو وڏو اجتماع آهي. اسانکي چون ٿا اليڪشن ڪميشن ۾ وڃو پر ڪميشن ته اسان کان وڌيڪ بيوس آهي. حزب مخالف جو اهو فيصلو آهي ته ڪنهن ٽريبونل يا عدالت ۾ نه وينداسين، پارليماني ڪميٽي ڪري. هڪ سال ٿيو آهي ڪميٽي جوڙڻ کي پر هڪ اجلاس به نه ٿيو آهي. ياد رهي ته فوجي ترجمان کيس مشورو ڏنو هو ته اليڪشن ڪميشن ۾ وڃو. مولانا چيو ته فارين فنڊنگ ڪيس جو 5 سالن م فيصلو ناهي ڪيو ته ڌانڌلي جو فيصلو ڪٿان ڪندا. هن حڪومت ياف ڪنهن اداري جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته عوام کي ووٽ جو حق ڏيڻ کانسواءِ هاڻي ڪوئي چارو ناهي. هن چيو ته اسين پسپائي نه پيش رفت طرف وينداسين ۽ پورو پاڪستان بند ڪنداسين، هي سفر ۽ سيلاب رڪجڻ وارو ناهي. هن چيو ته ڊي چوڪ تنگ جڳهه آهي هتي کليو ماحول آهي پر ڪارڪنن جو  ڊي چوڪ هلڻ جي سوچ سندن حق آهي. اسانجي فوج طئي ڪري ته آئنده چونڊن ۾ هنن جو ڪردار نه هوندو ڇو ته فوج تڪراري بڻجي رهي آهي جيڪو اسين نٿا چاهيون. سپريم ڪورٽ چيو آهي ته نئون عمراني معاهدو ٿيڻ گهرجي ڇو ته اسين آئين کان پري نڪري ويا آهيون، آئين جو احترام ڪندي هر ادارو پنهنجو ڪم ڪري. پاڪستان ۾ چونڊن ۾ ماڻهو عوام بدران ڪنهن ٻئي پاسي ٿا ڏسن، هاڻي اسين عوامي ووٽ تي ڌاڙوهڻڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته دنيا پاڪستان جي مذهبي نوجوان کي رياست خلاف استعمال ڪرڻ چاهي پئي پر اسين ان ۾ رڪاوٽ بڻياسين. هن چيو ته تون ڪير ٿيندو آهين اسانجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ وارو، اسين برصغير جي 200 ساله تاريخ جا امين آهيون، هي اسان کي سياست سمجهائيندا جن کي جمعو جمعو اٺ ڏينهن ٿيا آهن. هن چيو ته تحريڪ ڪنهن ڳري پٿر کي سمنڊ ۾ اڇلائي لهرون پيدا ڪرڻ جو نالو ناهي، لهرون ته ثمجي به وينديون آهن. عمران خان ٻڌ، هي تحريڪ توکي اقتدار مان ٻاهر ڪچي اڇلائيندي. هن بغاوت جو ڪيس ڪرڻ بابت چيو ته جنهن قوت ۽ جوش سان هي سيلاب آيو آهي اهو اگر وزيراعظم هائوس طرف وڃي ته ڪنهن جو پيءُ به نٿو روڪي سگهي، سوچي سمجهي ڳالهه ڪندا ڪريو، اسين ايئن نه ڪنداسين، اسين پنهنجي جان تري تي رکي آيا آهيون، تون اسانجي حب الوخني جو مقابلو نٿو ڪرين سگهين، اسين تنهنجي ۽ پنهنجي ڪردار کي ڄاڻون ٿا. بخدا اوهانجي جيلن ۾ جاءِ نه رهندي .ايترا ماڻهو آهن، پوئتي هٽڻ کي وڏو گناهه سمجهون ٿا، سڀاڻي سڀني جماعتن جي اڳواڻن جو اجلاس آهي جنهن ۾ ٿيل فيصلن بعد اهم اعلان ڪبو. مولانا پشتو ۾ به خطاب ڪيو ان کان اڳ ڏينهن جو پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرادري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته اسين ڌرڻن جي سياست کان پري آهيون پر جيڪڏهن حڪومت غير جمهوري رويي جو مظاهرو ڪندي ته اسين ڌرڻي ۾ شرڪت واري فيصلي تي نظر ثاني ڪري سگهون ٿا.ٻئي پاسي حڪومت چوڌري شجاعت ۽ پرويز الاهي کي مولانا فضل الرحمان سان ڳالهين جو ٽاسڪ ڏنوآهي ۽ هنن جو مولانا سان رابطو ٿيو آهي ۽ مولانا کي هنن تڪڙ ۾ ٽڪراءَ بابت اعلان ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. جي يو آءِ جي اڳواڻ راشد محمود سومرو چيو آهي ته وزيراعظم جي استعيفيٰ لاءِ ڏنل مهلت آچر ۽ سومر جي وچ واري رات 12 وڳي ختم ٿي رهي آهي. رهبر ڪاميٽي جي مشاورت ۽ تجويزن بعد جي يو آءِ مجلس شوريٰ جي اجلاس ۾ پنهنجي آئنده جي لاءِ عمل بابت صلاح مشورن بعد اهم فيصلا ڪيا آهن جن جو اعلان مولانا فضل الرحمان ڪندو. هوڏانهن حافظ حمدالله ٽوئٽ پيغام ۾ چيو آهي ته مصلحت جي سياست ڇڏي فيصلا ڪن قدم کنيو وڃي. هن چيو ته عوام جي ڳالهه ڪرڻ تان ذوالفقار علي ڀٽو ۽ فاطمه جناح کي به غدار سڏيو ويو ۽ اڄ مولانا فضل الرحمان کي به عوام جي ڳالهه ڪرڻ تان غدار سڏيو ٿو وڃي. اهڙين قوتن بابت هاڻي فيصلو ٿيڻ گهرجي. هوڏانهن فواد چوڌري ٽوئٽ ۾ آزاي مارچ کي حلوا مارچ قرار ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو