فوتي اهلڪار جي پوري خاندان پاران پاڻ ساڙڻ جي ڌمڪي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سي پي او آڏو پاڻ کي باھ ڏيئي آپگهات ڪندڙ پوليس اهلڪار مظفر چانڊيو جا وارث عدالت پهچي ويا. متاثر خاندان خودڪشي جو سبب بڻجندڙ پوليس اهلڪارن خلاف مقدمو درج ڪرڻ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي. درخواست گزار سجاد چانڊيو  وڪيل شاهد سومرو معرفت ڏنل درخواست ۾ مطالبو ڪيو آهي ته عدالت ملوث اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري. پوليس ملوث ملزم اياز، گلزار ، درياخان ، عمران خلاف ڪيس داخل نٿي ڪري. مرحوم پوليس اهلڪار جي پٽ سجاد چيو آهي ته منهنجي والد مرندي دم تائين هنن ملزمن جا نالا کنيا، هئا ته هو کيس تنگ ڪن ٿا ۽ انهن جي رويي خلاف شنوائي نه ٿيڻ سبب هو انتهائي قدم کڻي رهيو آهي. هي بابا کي بليڪ ميل ڪندا هئا. متاثره خاندان ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن کين انصاف نه مليو ته پورو خاندان سي پي او آڏو پاڻ کي باھ ڏيئي ساڙي ڇڏيندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو