فلسطين ۽ اسرائيل جو تڪرار ڪئين شروع ٿيو؟‎

سمير ساگر قريشي
لڳ ڀڳ 2 ھزار سال کان بغير ڪنھن رياست جي ٻين ملڪن ۾ رھڻ ۽ يورپ ۾ يهودين سان ٿيندڙ خراب سلوڪ جي ڪري صيھوني تحريڪن زور ورتو، جنهن جو مقصد يهودين لاءِ الڳ رياست قائم ڪرڻ هو. صيھوني تحريڪن جي شروعات تقريبن 1882ع کان کان ٿي. يورپ ۾ رھندڙ يھودي گروھن فلسطين جي سرزمين تي پنهنجيون زرعي ڪالونيون ٺاھڻ شروع ڪيون. انھن گروھن پھريون ڀيرو 1897ع ۾ صيھوني ڪانفرنس جي گڏجاڻي ۾ ملاقات ڪئي جيڪو باسل سوئٽزرلينڊ ۾ منعقد ڪيو ويو ھيو. باقاعده عملي طرح صيھوني قومپرست تحريڪ کي ٿيروڊ ھرزل 1897ع ۾ قائم ڪيو. يھودين جا ڪجھ قبيلا سالن کان فلسطين ۾ رھندا ھئا پر يھودي هجرت جي پھرين وڏي لھر سلطنت عثمانيه جي دؤر ۾ 1882ع ۾ آئي. بهرحال، پهرين عالمي جنگ کان پوءِ اهو علائقو انگريزن جي قبضي هيٺ اچي ويو، جنھن ڪري يهودين وڏي انگ ۾ وڃڻ شروع ڪيو، ۽ مقامي عرب آباديءَ سان ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي.
برطانيه ۽ فرانس وچ ۾ اوڀر کي ورهايو ويو ۽ مختلف رياستون قائم ڪيون ويون، پر فلسطين انگريزن جي قبضي ۾ ئي رهيو، جنھن سبب عرب قومپرستن ۽ صيھوني تنظيمن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ لڳي. صيھوني تنظيمن ويڙهاڪ گروپ ٺاهيا جن ٻي عالمي جنگ کانپوءِ الڳ رياست لاءِ زور ڏيڻ شروع ڪيو.1947ع ۾ گڏيل قومن جي تنظيم فلسطين کي ٻن حصن ۾ ورهايو، جنھن ۾ هڪ يهودي رياست ۽ ھڪ عرب رياست قائم ڪئي جڏهن ته يروشلم (بيت المقدس) کي هڪ بين الاقوامي شهر جو درجو ڏنو ويو. جئين ئي 14 مئي 1948ع تي اسرائيل قائم ٿيو ته ٻئي ڏينهن تي اردن، مصر، شام ۽ عراق ان تي حملو ڪيو. هيءَ پهرين عرب اسرائيل جنگ هئي، جنهن علائقي ۾ عرب رياست قائم ٿيڻي هئي، پر گڏيل قومن جي غلط فيصلي سبب اتي مختلف ملڪن مان آيل ماڻھن قبضو ڪري ورتو ۽ ان وقت ساڍا 7 لک فلسطيني شھرن کي پنھنجي ئي گھر مان اسرائيلي فوجن پاران بي دخل ڪيو ويو ۽ اهڙيءَ ريت فلسطيني شھرن لاءِ هڪ سانحي جنم ورتو. 1967ع جي عرب-اسرائيلي جنگ ان تڪرار کي وڌيڪ پيچيده ڪري ڇڏيو جڏهن اسرائيل عرب اتحاد کي شڪست ڏني ۽ مصر کان غزه جي پٽي، شام کان گولان ۽ اردن کان اوڀر يروشلم سميت غرب اردن تي قبضو ڪيو ۽ مصر کي به سينائي تان ھٿ کڻڻو پيو. 1973ع ۾ مصر ۽ شام پنھنجا علائقا آزاد ڪرائڻ لاءِ اسرائيل تي حملو ڪيو. ڇهن سالن کان پوء، اسرائيل ۽ مصر هڪ امن معاهدي تي دستخط ڪئي ۽ سينا مصر کي واپس ڏنو ويو. اردن به ڪجهه وقت بعد اسرائيل کي تسليم ڪندي مصر جي پيروي ڪئي.ھن وقت حالات اھڙا ٿي چڪا آھن جو فلسطين کي پنھنجي ئي سرزمين تي اقليت تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ جتي پورو ملڪ فلسطين جو ھيو ھاڻ اھو ملڪ صرف به علائقن تائين محدود رھجي ويو آھي، جن مان هڪ اولهه اردن ۽ ٻيو غزه جي پٽي آهي. اسرائيل سڄي يروشلم کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ سمجهي ٿو، جڏهن ته فلسطيني اوڀر يروشلم کي گاديءَ جو هنڌ سمجهن ٿا. اولهه اردن ۽ غزه جي پٽي جي وچ ۾ 45 ڪلوميٽرن جو فاصلو آهي. اولهه اردن جي ايراضي 5970 چورس ڪلوميٽر آهي جڏهن ته غزه جي پٽي رڳو 365 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. اولهه اردن يروشلم ۽ اردن جي وچ ۾ آهي، جڏهن ته غزه جي پٽي 41 ڪلوميٽر ڊگهي ۽ 10 ڪلوميٽر ويڪر آهي. غزه جي پٽي جي سرحد جي ست ڪلوميٽر هڪ طرف مصر ۽ هڪ طرف ميڊيٽرينين سمنڊ آهي. غزه تي فلسطيني مزاحمتي گروه حماس جي حڪومت آهي، جيڪو فلسطين جي آزاديءَ لاءَ اسرائيل سان مزاحمت ڪندو رهندو آھي. ھن وقت اسرائيل ۽ مصر غزه جي سرحدن تي سخت نگراني ڪن ٿا ته جيئن حماس کي هٿيار نه ملي سگھن. ٻئي طرف اولهه اردن ۾ عالمي سطح تي تسليم ٿيل فلسطيني حڪومت آهي، جنهن ۾ الفتح تنظيم اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. بهرحال، ويسٽ بئنڪ جي نالي سان مشهور هن ننڍڙي علائقي ۾، 86 سيڪڙو فلسطيني آهن، جڏهن ته 14 سيڪڙو اسرائيلي آبادي آهن. اسرائيلي آبادين 70، 80 ۽ 90 جي ڏهاڪي ۾ اڪثريت حاصل ڪئي، پر گذريل 20 سالن کان انهن جي آبادي ٻيڻي ٿيندي پئي وڃي. اسرائيل انهن آبادين کي پاڻي ۽ بجلي جهڙيون سهولتون فراهم ڪري ٿو ۽ انهن جي حفاظت اسرائيلي فوج ڪندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو