فلسطين تي حملو هڪ سوچيل سمجهيل سازش آهي

تحرير نجم الدين اشرفي

يروشلم جو اصل نالو القدس آهي، جنهن کي عام طور تي بيت المقدس چيو وڃي ٿو. دراصل ان مان مراد هيڪل سليماني هيو جيڪو، عبراني بيت همقدش جو ترجمو آهي پر بعد ۾ ان لفظ جو اطلاق سڄي شهر تي ٿيڻ لڳو. بيت المقدس شهر ٽڪرين تي آباد آهي انهن مان هڪڙي ٽڪري جو نالو ڪوه صيهون آهي جنهن تي مسجد اقصي ۽ قبه الصخره واقع آهن. انهي ڪوه صيهون جي نالي تي يهودين جي تحريڪ صيهونيت قائم ڪئي وئي هئي. پهرين جنگ عظيم ڊسمبر 1917 ع جي دوران انگريزن بيت المقدس ۽ فلسطين تي قبضو ڪري يهودين کي آباد ٿيڻ جي عام اجازت ڏئي ڇڏي. يهودين ۽ نصارن جي سازشن جي تحت نومبر 1947 ع ۾ اقوام متحده جي جنرل اسمبلي دهاندلي کان ڪم وٺندي فلسطين، عربن ۽ يهودين کي تقسيم ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن 41 مئي 1948 ع تي يهودين اسرائيل جي قيام جو اعلان ڪيو ته عرب اسرائيل پاڻ ۾ جنگ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان جنگ جي نتيجي ۾ اسرائيلي فلسطين جي 78 سيڪڙو رقبي تي قابض ٿي ويا ۽ مشرقي يروشلم )بيت المقدس( ۽ غرب اردن جو علائقو اردن جي قبضي ۾ اچي ويو. ٽين عرب اسرائيل جنگ )جون 1967 ع( ۾ اسرائيل بقيه فلسطين ۽ بيت المقدس تي به تسلط ڄمائي ڇڏيو. ايئن مسلمانن جو قبلو اول هنوز يهودين جي قبضي ۾ آهي يهودين جي بقول 70 ع جي تباهي کان هيڪل سليماني جي هڪ ديوار جو ڪجهه حصو بچل آهي جتي ٻه هزار سال کان يهودي زائرين اچي ڪري روئيندا هئا ان لاءِ ان کي ديوار گريه چيو وڃي ٿو. هاڻي يهودي مسجد اقصي کي شهيد ڪري اتي هيڪل سليماني تعمير ڪرڻ جا منصوبا ٺاهيندا رهن ٿا. انهي جي هڪڙي ڪڙي اسرائيل جو موجوده مسجد اقصي جي نمازين تي تشدد ڪري ۽ فلسطينين کي شهيد ڪرڻ آهي. فلسطين جي مٿان هي ايڏي وڏي بمباري هڪ سوچي سمجهي سازش تحت آهي جنهن جو اصل مقصد بيت المقدس تي قبضو ڪرڻ ۽ هيڪل سليماني جي تعمير ڪرڻ آهي ۽ انجي پويان مڪمل آمريڪا جي اسرائيل کي مدد حاصل آهي. انهيءَ تي ترڪ صدر طيب اردگان آمريڪي صدر کي فلسطين جو قاتل سڏيندي چيو ته جوبائڊن جا هٿ رت سان رڳيل آهن. جيڪي هٿيار اسرائيل فلسطين تي استعمال ڪري رهيو آهي انجي ڊليوري آمريڪا کان ٿي هئي ۽ ٿيندي رهي ٿي. ايترا ته خ طرناڪ هٿيار هڪ بي سازوسامان قوم تي استعمال ڪري رهيو آهي جو هڪ عمارت تي جڏهن ميزائيل ڪري ٿو ته 30 سيڪنڊس جي اندر سڄي عمارت پاڙ سميت ڪري پئي ٿي ۽ سڄي فضا دونهي سان ڀرجي وڃي ٿي .نه صرف عمارتن کي نقصان رسايو يو آهي پر عام عوام کي، اسپتالن کي تان ته ميڊيا جي دفترن تي به بمباري ڪئي وئي آهي مگر افسوس ته ڪنهن به هن وقت تائين مظلوم فلسطينين جي سواءِ بيان بازي جي ڪابه مدد نه ڪئي آهي نه ئي )يو اين او ( ۽ نه وري) او آءِ سي ( ڪوبه عملي قدم نه کنيو آهي حالانڪ سڀ سمجهن به ٿا ته اسرائيل ظلم ۽ ستم جي انتها ڪري رهيو آهي مگر ٻئي پاسي سلام آهي فلسطينين جي بهادري کي جو هڪ ننڍو ٻار به پٿر کڻي هڪ هٿيار واري تربيت يافته فوجي جي اکين ۾ اکين وجهي ان کي للڪاري رهيو آهي رب ڪريم امت مسلمه کي اتحاد ۽ ٻڌي جي توفيق نصيب ڪري جيڪڏهن امت مسلمه هڪ جاءِ تي متحد نه ٿي ته اهي ڪافر هڪ هڪ ڪري مسلمانن جو ائين ئي رت وهائيندا رهندا. غزه مان حماس سني مڪتبه فڪر پاران  مسلسل اسرائيل کي جواب ڏيندو رهي ٿو پر ان حملي جا اڪثر راڪيٽ اسرائيل پنهنجي ٽيڪنالاجي آرن ڊوم ذريعي ختم ڪري ٿو ڇڏي پر ان جي باوجود اسرائيل وائڙو ٿي ويو آهي. هن سوچيو هوندو ته هن ظالم جي مقابلي ۾ حماس ته ڪابه حيثيت نه ٿو رکي، هڪ ئي ڏينهن ۾ انهن کي ختم ڪري ڇڏيندس پر  اڄ ٻيو هفتو هلي رهيو آهي صبح شام بمباري به ڪري رهي آهي پر حماس جي ننڍڙي جماعت کي ختم نه ڪري سگهيو آهي. اسرائيلي ادارن جو چوڻ آهي ته جڏهن ننڍڙي حماس کي اسان هن وقت تا.ئين ختم نه ڪري سگهيا آهيون ته جيڪڏهن اسلامي ملڪن سان جنگ ٿي پئي ته اسان جو ڪهڙو حشر ڪندو سچ ته هي آهي جيڪڏهن چوڌاري اسلامي ملڪن جا ماڻهو هڪ هڪ ٿڪ به اسرائيل تي اڇلائن ته انهيءَ ٿڪ سان اسرائيل مري ويندو پر افسوس سواءِ بيان بازي جي فلسطين جي مظلوم ماڻهن جي ڪابه مدد نه ٿي آهي. الله تعاليٰ اسان مسلمانن کي اتحاد نصيب ڪري ۽ فلسطين جي مظلوم مسلمانن جي مدد فرمائي.__

پهنجو تبصرو موڪليو