فلسطينين جي حمايت ڇو ڇا لاءِ

وفا ولي محمد ڦل
ھڪ ته انسانيت تي ٿيندڙ ھر ظلم خلاف مظلوم جو ساٿ ڏيڻ گھرجي ـ ٻيو مذھبي حوالي سان بيت المقدس جو حصول ـ ٽيون ــ تازو اسلامي ملڪن جو گڏيل اجلاس او آء سي سعودي عرب جي گادي واري شھر رياض ۾ ٿيو جتي سمورن اڳواڻن اسلامي ملڪن جي اھم ترين عھدن تي فاءض وزيرن اعلي ا حڪام اسراءيل مٿان فوري طور جنگبندي جو حڪم نامو به جاري ڪيو ويو اھو تمام بھتر سٺو قدم آھي پر ان تي ظالم يھودي لاڀي اڃان عمل ناھي ڪيو ھن وقت به غزھ شھر مٿان شھر جي اسپتالن مٿان جتي ھزارين پيشنٽ ۽ بمباري م زخمي ٿيل فلسطيني مسلمان داخل آھن انھن کي شھيد ڪيو پيو وڃي جيڪا ظلم تڪبر ڪفر جي وڏي چالبازي ۽معصوم فلسطيني مسلمانن مٿان ظلم جي انتھا کان گھٽ ناھي نيٺ رب پاڪ ذوالجلال جي اسراءيلن جي ڪيل ظلم جي ديگ تپندي ۽سڀ يھودي ڪافر انشاء الله نست نابوض ٿي ويندا ھاڻي ذڪر ڪجي ٿو وري سپريم يھودي لاڀي رياست جي عالمگير سوچ مطابق ھنن پاڪستان ۾ به جيڪا انويسٽ ڪءي آ ـ تنھن ۾ سڀ کان پھرين بلوچستان ۽ سنڌ جي ساحلي پٽيء تي ھڪ الڳ رياست قاءم ڪري پوري مسلم دنيا تي قبضي ڪرڻ جو مشن ۽ پاڪستان جو ايٽمي ٽيڪنالاجيء کي ختم ڪرڻ لاء پھرين مشرف پوء عمران کي آڻڻ ھو ۽ ـ برطانيا جايھودي جيڪي اسراءيل جا مؤجد آھن سي لياقت عليء کان وٺي الطاف حسين تاءين جناح پور جا سپورٽر آھن ـ ھن وقت ب عمران جو سالو جماءما جو ڀاء اڳيان آھي ـ نوٽ ھن لابيء برطانوي وزيراظم کي ھڪ ھٿيار ٺاھي ڏنو جيڪو دشمن جي ڊيپوء ۾ رکراءڻ جي ڪجھ ٽاءم کانپوء پاڻھي فاٽي ٿي پيو ـ شايد مير شير محمد جي ڊيپوء ۾ ب اھو ھٿيار رکرايو ھوندؤنفلسطين ظلم ھيٺ …!!سعودي عرب مسلمانن جو مرڪز آهي پر بادشاھ محمد بن سلمان يھودين کي عرب امارات سان گڏ ملڪ طور تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ وارو ھيو ته ھي واقعو ٿي ويو..!! مسلم امت کي عربن ڇڏي ڏنو آهي ۽ پاڪستان سميت آمريڪا جون ڪالونيون بنجي ويا آهيون…!! جڏهن آمريڪا افغانستان تي حملو ڪيو ته وطن عزيز جي سپھ سالارن آمريڪي فوج کي ھتي اڏا ڏنا ۽ ھتان جھاز اڏام ڪري افغانستان تي بم ڪيرائي واپس اچي ھتي لھندا ھيا ۽ جڏهن عراق تي آمريڪا حملو ڪيو ته سعودين سموري آمريڪي فوج جي ميزباني ڪئي ۽ جڏهن ايران تي حملي جي تياري ٿيندي نظر ايندي تب سھولتڪار سعودي عرب وارا ئي ھوندا …!! فلسطين جي سر زمين تي ظلم ۾ قطر ۽ سعودي عرب وارا به اسرائيل جا حامي رھيا آھن آهن ۽ ھاڻي عرب مذهب جي حفاظت بدران بزنس کي ترجيح ڏين ٿا جي 20 جي اجلاس ۾ محمد بن سلمان مودي کي ڀاڪر پئي پاتا ۽ آمريڪا جي صدر سان بزنس معاھدا پئي سائن ڪيا …!! قطر صرف ڦوٽبال ورلڊ ڪپ تي 219 ارب ڊالر خرچ ڪيا ۽ ايتري رقم سان ڪيترن ئي مسلمان ملڪن مان غربت ئي ختم ٿي وڃي ھا .. پر افسوس جو سرندي وارا مسلمان ملڪ پنهنجي مسلمان ملڪن جي ڪا به مدد نٿا ڪن بيتاالمقدس يا مسجد اقصا حقيقت ۾ مسجد اقصا اها آهي جنهن تي تير جو نشان آهي نڪي پيلي گنبذ واري,پيلي گنبذ واري به هڪ مسجد آهي جنهن کي اسرائيلي يهودي مسجد اقصا طور ظاهر ڪري خاموشي سان مسجد اقصا کي شهيد ڪري ان جي جاء تي هيڪل سليماني يا ٿرڊ ٽيمپل ٺاهڻ چاهن ٿا..هيڪل سليماني ٺاهڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته يهودين جو رهبر دجال اتي ايندو ۽ انهن جو خيال اهو آهي ته جيستائين هيڪل سليماني يا ٿرڊ ٽيمپل نه ٺهندو تيستائين انهن جو مسيحا دجال ڪونه ايندو..فلسطين تي اسرائيل جا حملا به ان مقصد تحت آهن ته جيئن فلسطين جو علائقو خالي ڪرائي آساني سان مسجد اقصا کي مسمار ڪري ان جي جاء تي هيڪل سليماني ٺاهي دجال جي اچڻ جو انتظار ڪيو وڃي…مسجد اقصا مسلمانن لاء مقدس جڳھ آهي جتي حضورﷺ جن سڀني نبين کي نماز به پڙهائي ۽ مسلمانن جو قبلعه اول به آهي..اسرائيل ۽ فلسطين جي جنگ صرف هڪ رواجي جنگ نه پر اسلام ۽ ڪفر جي جنگ آهي..ان ڪري سڀني مسلمان ملڪن کي گهرجي ته ان جنگ ۾ فلسطين جي ڀرپور مدد ڪري پنهنجي ايمان جي حفاظت ڪن..۽سڀ گڏجي روز جي بنياد تي اجلاس ڪوٺاءي ظالم اسراءيل جي ظلم خلاف ھڪ ٿي وڃن ۽ جنھن مسلمان ملڪ کان جاني مالي جيتري مدد ٿي سگھي اھا فلسطين جي مظلوم عوام سان يڪجھتي طور ڪءي وڃي ٻي صورت ۾ اسلامي ملڪ جيڪي فلسطيني عوام مسلمانن معصوم بيگناھ عورتن ٻچن سان سچا نه ٿيندا ته اھي آخرت جي روز محشر جي ميدان ۾ الله تعالي ا ۽ پياري پيغمبر صلعم جي آڏو جوابدھ ٿيندا ۽کين کان سخت پڇاڻو ٿيندو !!!!!!!

پهنجو تبصرو موڪليو