غلام النبي ميمڻ ٻيهر سنڌ جو پوليس سربراهه مقرر

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وفاقي حڪومت غلام نبي ميمڻ کي انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) سنڌ مقرر ڪري ڇڏيو. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان پوليس سروس جي 21 هين گريڊ جي آفيسر غلام نبي ميمڻ کي وفاقي حڪومت جي منظوري سان سنڌ جو صوبائي پوليس آفيسر (پي پي او) مقرر ڪيو ويو آهي. غلام نبي ميمڻ هن وقت ڪامرس ڊويزن تحت اسٽيٽ لائف انشورنس ڪارپوريشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته غلام نبي ميمڻ کي فوري طور تي سول سروس ايڪٽ 1973 جي سيڪشن 10 تحت بدلي ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته غلام نبي ميمڻ ان کان اڳ به آءِ جي سنڌ رهي چڪو آهي ۽ نگران صوبائي حڪومت جي چارج سنڀالڻ بعد کيس بدلي ڪيو ويو هو ۽ رفعت مختار کي 19 آگسٽ 2023 تي صوبي جو آءِ جي مقرر ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو