غزه ۾ اسرائيلي حملا جاري، مصري صحافي سميت 125 ڄڻا شهيد

غزه (ويب ڊيسڪ)غزه ۾ اسرائيل جي وحشيانه حملن جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي، اسرائيلي فوج جي رهائشي علائقن تي بمباري ۾ مصري ميڊيا جي صحافين ۽ ڪميونيڪيشن ڪمپني جي ٻن ملازمن سميت وڌيڪ 125 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 265 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، مصري ٽي وي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته سندس صحافي يزان الزاويدي غزه ۾ صحافتي ذميواريون سرانجام ڏيندي شهيد ٿي ويو آهي،مصري ٽي وي پنهنجي بيان ۾ انساني حقن جي عالمي تنظيمن ۽ صحافين کان اسرائيل خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ۽ الزام هنيو ته غزه ۾ اسرائيلي فوج يزان الزويدي کي نشانو بڻائي شهيد ڪيو آهي.صحافين جي عالمي تنظيم ڪميٽي ٽو پروٽيڪڪٽ جرنلسٽس جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فورسز هٿان مارجي ويل صحافين جو انگ 82 ٿي ويو آهي، جن ۾ 75 فلسطيني صحافي به شامل آهن.غزه ۾ مواصلاتي نظام جو بليڪ آئوٽ اڃا به جاري آهي، مواصلاتي ۽ انٽرنيٽ سروس ٻن ڏينهن کان معطل آهي.هوڏانهن اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي جارحيت جو سلسلو جاري آهي، ڇاپن دوران وڌيڪ 5 فلسطيني نوجوان شهيد ٿي ويا، صهيوني فوج گذريل 100 ڏينهن ۾ 5 هزار 875 فلسطينين کي گرفتار ڪيو آهي.عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج جي ويسٽ بئنڪ ۾ مختلف ڪارروائين دوران 16 ورهين جي خالد حميدت ۽ 17 ورهين جي سليمان ڪنان سميت 5 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو