عورت ۽ ٻارن کي تيزاب هاري زخمي ڪندڙ جوابدار گرفتار

اوٻاوڙو (اسد علي گهنڃو) گلاب شاه ڪالوني جي رهواسڻ مسمات ريشما مغل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي شادي حفيظ مغل سان ٿيل هئي جنهن مان مون کي ٽن ٻارن جو اولاد آھي مون کي عامر ميراڻي دوستي لاء تنگ ڪندو هيو ۽ هن مون کي حفيظ کان طلاق وٺڻ تي زور ڀريو ته حفيظ کان طلاق وٺ ته توسان شادي ڪندس هن چيو ته مان چار مهينا اڳ حفيظ مغل کان طلاق ورتي ۽ پوء عامر ميراڻي مون کان سونا زيور ۽ پيسا کڻي ويو ۽ پوء مون کي شادي ڪرڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيو.

گذريل رات دير سان عامر ميراڻي گهر ۾ گهڙي اچي  ننڊ ۾ ستل منهنجي ۽ منهنجي ٻارن  مٿان تيزاب هاري ڇڏيو جنهن ۾ منهنجي جسم پيٽ ۽ منهن جي کاڏي ۽ ڄنگهه  سڙي زخمي ٿيا ۽ منهنجي چار سالن جي پٽ بلال جي ڄنگهه سڙي پئي آھي هن چيو منهنجي هڪ ڌيء به زخمي آھي جنهن کي ميڊيا تي نه ٿي آڻڻ چاهيان ,هوڏانهن ڏهرڪي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ريشمان رپورٽ درج ڪرائي آھي ۽ جوابدار عامر ميراڻي کي گرفتار ڪري جاچ ڪريون پيا..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو