عوام کان ئي قربانيون ڇو؟

طفيل.مگسي
اهي عوام.کان سدائين قربانيون ئي گهرندا آيا آھن.مگر عوام ويچارو ته گذريل ستر سالن کان قرباني جي اڏي تي قربان ئي ٿيندو رهيو آھي.حقيقت ۾ جيڪڏھن تاريخ تي نظر وڌي وڃي ته هر دور ۾ حڪمران ۽ امير عوام کان قربانيون گهرندا رهيا ۡ۽ عوام به بيشڪ قربانيون ڏيندو رهيو آھي.ليڪن انهن خوابن جي قرباني جيڪي امير حڪمرانن جي چوڻ تي ئي ان ڏٺا هئا.
پنهنجن معصوم ٻارڙن جي تعليم جا خواب.صحت جي سهوليتن سان لاڳاپيل خواب.غربت.بک.بيروزگاري ۽ جهالت کان ڇوٽڪاري جا خواب.مقصد اهو ته قربانين پٺيان قربانين جو ختم نه ٿيڻ وارو سلسلو جاري و ساري آھي.اميرن جي پاليسين جي مطابق پاڪستان عالمي مالياتي فنڊ کان اٽڪل ٻن درجن جي لڳ ڀڳ پروگرام ۾ شريڪ ٿي چڪو آھي.هر ڀيري جيان سونهري خواب ڏيکاري ڪري عوام کي قرباني تي مجبور ڪيو ويو ۽ اڄ وري عوام.کي قرباني جي لاء چيو پيو وڃي ته جيئن 3 ارب ڊالرز وٺي ڪري سهوليت يافته طبقن جي روزمره واري زندگيء کي جيئن جو تيئن برقرار رکڻ جي سبيل ڪئي وڃي.
عوام کي چيو ويو ته آئي ايم ايف جون شرطڳن مڃڻ بنا اسان 3ارب ڊالرز جي اها “وڏي رقم“نه ملي سگهندي.۽ ان رقم کان بنا زندگي جو نظام.معمول جي مطابق نٿو هلي سگهي.ان ڪري آئي ايم ايف جا شرط هر صورت ۾ مڃڻا پوندا ۽ ان جي لاء عوام قرباني ڏيڻ جي لاء سندرو ٻڏي ڇڏي.عوام کي سندس زندگي جي روزمره ۾ استعمال ٿيندڙ شيون نهايت ئي مهانگي اگه تي وٺڻيون پون.ٿيون ۽ اها عوام جي طرف کان ملڪ جي لاء قرباني هوندي.حالانڪ اها عوام کان قرباني نٿي گهري وڃي بلڪ عوام کي ٻڌايو پيو وڃي ته انهن وٽ انهيء قربانيء کانسواء ڪو ٻيو رستو به ناهي.
ڏٺو وڃي ته اها عوام جي لاء ڪا نئين ڳاله ناهي بلڪ عوام انهن ڪروڙن ٻارڙن جون قربانيون ڏئي چڪو.آھي.جن جا ڪروڙين ٻارڙا ڪنهن اسڪول يا.درسگاه ۾ پير رکڻ بنا وڏا ٿيا ۽ اهي ٻارڙا ملڪ جي“ اڻپڙھيل ليبر فورس“جو حصو بڻجي ڪري بي پناه سگه جي باوجود بک.بدۡالي ۽ غرنت جي زندگي گهاريندا رهيا.ستم مٿان ستم اهو به آھي ته انهن جو نئون نسل اڄ به ساڳئي زندگي گهارڻ تي مجبور آھي.جهالت.غربت ۽ بک نسل پٺيان نسل منتقل ٿي رهي آھي.ليڪن عوام جي لاء اها قرباني ڪا نئين ڳاله ناهي. اها عوام ئي هوندي آھي.جيڪا ان قرباني جي نتيجي ۾ وڏي انگ ۾ علاج جي سهوليتن جي اڻاٺ سبب هن دنيا کان ئي موڪلائي وڃي ٿي يا موت جي بستر تي پئي رهي ٿي يا وري کرڙيون هڻي هڻي ڪري دم ڏيئي ٿي.ان جي وڏي انگ کي ڪنهن اسپتال ۾ ڪا بستر جهڙي به سهوليت ميسر.ناهي.جڏھن اها پنهنجي غربت جهڙي نفس سان گڏ علاج ڪرائي سگهي اهوئي نه بلڪ اتي اسپتالن ۾ ھن کي ڊاڪٽرن جي فرعونيت.نقلي دوائن ۽ اسٽاف جي غير انساني سلوڪ جو مقابلو ڪندي دم ڏيڻو پوي ٿو.
انهيء ريت عوام کي مهانگين اگهن ۾ زندگي جي ضرورتن واريون شيون خريد ڪرڻ جي لاء قرباني ڏيڻ جو سخت تجربو آھي.پاڪستان ۽ ھن جهڙن ٻوئن پوئتي پيل ۽ غربت جي چڪي ۾ پيڙھيل ملڪن ۾ زندگي جي ضرورتن کان اها مراد ناهي جيڪا ترقي يافته يا ڪامياب ملڪن ۾ زندگي جي ضرورتن جي تعريف ۾َ گهڻو ڪجه اچي ٿو.جنهن ۾ صرف ماني.ڪپڙو ۽ گهر ناهي.بلڪ علاج.تعليم ۽ زندگي ۾ برابري جي مواقعن جي ميسري .عزت نفس ۽ برابري به هينئر زندگي جي ضرورتن ۾َ شامل هونديون آھن.ٿرقي يافته جهموري ۽ ڪامياب معاشرن ۾ بنيادي ضرورتن جي تعريف ۾ اچڻ وارين شين جي فهرست ۾َ.ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آھي.
ان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ اها فهرست سوڙھي ٿيندي پئي وڃي.هينئر عوام کي اهو باور ڪرايو پيو وڃي ته بنيادي ضرورتن جي فهرست ۾ ٻن وقتن جي ماني ۽ مٿي تي ڇت ميسر ٿيڻ ضروري آھي.تعليم.صحت ۽ روزگار جهڙن عالمي طور تي بنيادي ضرورتن کي اسان جا امير حڪمران بنيادي ضرورتون تسليم.ڪرڻ جي لاء تيار ناهن.اهي هينئر ٻن وقتن جي ماني ۽ ڇت جي ميسري کي بنيادي ضرورت تسليم ڪرڻ کان انڪاري آھن.حالانڪ اها ڪنهن به رياست جي حقيقي آئيني ذميواري آھي.جنهن کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو وڃي ٿو.پاڪستان جي آئين ۾ جيڪو قانون جو بنيادي دستاويز آھي.ان کي بنيادي ضرورت جي طور تي رياست جي ذميواري قرار ڏنو ويو آھي.
مگر انهيء آئيني ذميواري کي پورو ڪرڻ جي بجاء امير حڪمران ننگر خانا ۽ خيرات ڪچن کولڻ تي راضي رکن ٿا ته جيئن بکين.اگهاڙن ڏٺڙيلن جي عزت نفس کي چور چور ڪري انهن کي ذاتي ۽ شخصي وفادارين تي مجبور ڪيو وڃي ته جيئن عوام رياست کان بنيادي ضرورتن جو مطالبو ڪرڻ جي بجاء حڪمرانن جي سخاوت ۽ رحمدلي جا گيت ڳائين.قرباني جي نالي تي آئي ايم ايف جي قرض جو سمورو ٻوجه عوام ڏانهن منتقل ڪيو وڃي ٿو.ٻيئي پاسي ڪنهن قسم جي ڪا قرباني ڏيڻ بنا امير حڪمران ۽ سهوليت يافته طبقا آئي ايم ايف جي قرضن جي سمورن منفي اثرن کان بچندي نه صرف پنهنجين بي حساب انهن سهوليتن کي برقرار رکن ٿا بلڪ انهن سهوليتن ۾ واڌارو ڪندا رهن ٿا.
هن ملڪ جي انساني ترقي ۽ انفراسٽريڪچر کي ڏسي ڪري ڪو سهو نٿو چئي سگهي ته انهن شعبن ۾ ڪا سنجيده سرمائيداري ٿي آھي.سمورا معاشي انڊيڪيٽر ۽ شرح ان جي خلاف شاهدي ڏين ٿا.شرح ته صرف هن ڳاله جي تصديق ڪن ٿا ته اهي کربين ڊالرز سهوليت يافته طبقن جون سهوليتون برقرار رکڻ ۽ سهوليتن ۾ واڌاري جي لاء خرچ ٿين ٿا.هن ملڪ جا حڪمران طبقا ۽ نوڪرشاهي کي جيڪي سهوليتون حاصل آھن.دنيا جي ترقي يافته ملڪ به ان جي خواهش نٿا ڪري سگهن.انهن کربين ڊالرز جي خرچن جي ڳاله ڪندي پهريون سوال اهو ٿو پيدا ٿيئي ته دنيا ۾ ايتراڪامياب جهموري يا ترقي يافته ملڪ آھن.جن جي حڪمران طبقن ۽ نوڪرشاهي کي اهي سهوليتون حاصل آھن.ايترا ڪافي ملڪ آھن.جنهن ۾ امير حڪمرانن جا ميمبر ۽ نوڪرشاهي ۽ بيورو ڪريسي کي پنهنجي گر اچڻ وڃڻ جي لاء سرڪاري گاڏيون حاصل آھن.دنيا ۾ ڪيترا اهڙا ملڪ آھن جتي اعلي سرڪاري ڪارندن کي ڊرائيور.نوڪر.بورچي.مالهي ۽ گيٽ ڪيپر ڏنو وڃي ٿو.جتي صاحب کي پاڻي پيارڻ جي لاء ھڪ نوڪر گهربل هوندو آھي. انهن منجهان ڪجه سهوليتون صرف سڄي زندگي ئي نه بلڪ صاحب جي مرڻ تائين به حاصل هوندي آھي.دنيا ۾ ان ريت جا ڪيترائي ملڪ آھن جتي رياست.حڪومت ۽ پبلڪ سروس جي نالي تي سهوليت يافته طبقن جي هڪ فوج هوندي آھي.جنهن جي زندگيء گهارن جو ڍنگ شھزادن کي به شرمسار ڪري وجهي ٿو.اهو زندگي جو ڏيک“لائيف اسٽائل“غريب ملڪن ۾ صرف ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسن سان برقرار نٿو رکي سگهجي بلڪ ان جي لاء ڪروڙين ڊالرز جي ضرورت هوندي آھي.جن کي پورو ڪرڻ جي لاء ھر دروازو کڙڪائڻو ٿو پوي.جنهن کان ڪنهن امداد يا ڪنهن قرض جي اميد هجي.آئي ايم ايف جو قرض انهيء سلسلي جي هڪ ڪڙي آھي ؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو