عوام نيٺ ڪيستائين ظلم جي چڪي ۾ پيسبو رهندو ؟

طفيل مگسي
فلسطين هڪ ننڍڙي رياست آھي.جيڪا عرصي کان وٺي اڄ تائين مڙس ماڻھو وارو ڪردار ادا ڪندي اسرائيل جهڙي طاقتور رياست جي طلمن جي خلاف مقابلو ۽ جدوجهد ڪري رهي آھي.جنهن کان اهو ثابت ٿيئي ٿو ته فلسطيني مسلمان ايترين تڪليفن سهڻ جي باوجود به ذھني طور تي غلام ناهن ۽ ڪنهن قيمت تي به اسرائيل جي غلامي ۽ ان جو نظام قبول ناهن ڪري رهيا. هتي اڄ اھو ساڳيو سوال اسان جي نوجوانن جي لاء اهو آھي ته ڇا اڄ اسان به فلسطيني نوجوانن جيان ذھني طور تي آزاد آھيون؟ ڇا اسان اڄ سيادي معاشي طور تي آزاد آھيون ؟ ڇا اسان جي نوجوانن کي پنهنجي ملڪ جي تاريخي حالتن کان واقفيت يا ڄاڻ وغيره حاصل آھي؟اڄ ھتي سوال اسان جي پنهنجي نظام جو آھي.انگريزن کان اڳ هتي مسلمانن جون حڪومتون هدون.جيڪي عدل وانصاف تي مشتمل هيون.ماڻھو معاشي ۽ سياسي طور تي آزاد هئا.پوء مسلمانن جي نظام ۾َسياسي ڪمزوريون شروع ٿيون.اها حقيقت آھي ته عروج کي زوال ايندو آھي.مگر ان جي باوجود به اسان معاشي سياسي طور تي ڪنهن جا غلام نه هئاسين.انهن ڪمزورين ۽ غدارين جو فائدو وٺي ڪري انگريز قابض ٿي ويا..،انگريز جن بعد ۾ ھتي اهو ظلم.ڪيو جيڪو اڄ اسرائيل فلسطين تي ڪري رهيو آھي.بلڪ ان کان به وڌيڪ ظلم انگريزن هن سرزمين تي پنهنجي نظام جي صورت ۾ ڪيو.اٽڪل ڪروڙين ماڻھن تي هٿ سان ڏڪار پيدا ڪري کين کي موت جي حوالي ڪيو ويو.ان کانسواء قتل ۽ ڦرلٽ الڳ آھي.ورهايو ۽ حڪومت ڪريو جي پاليسي تي عمل هتان جي تاريخ کي ڪيو ويو.ماڻھن کي ذھني غلام.بنائڻ جي لاء لارڊ ميڪاولي جو تعليمي نظام رائج ڪيو ويو.جاگيرداري ۽ سرمائيداري جي نظام.کي قانوني شڪل ڏئي ڪري ڪروڙين ماڻھن کي ذھني ۽ جسماني طور تي غلام بڻايو ويو.اسان جي دموري تعليمي ۽ سياسي و معاشي نظام کي تبديل ڪري ڇڏيائين.پاڪستان ٺھڻ جو بنيادي مقصد انگريزن جي ان نظام ۽ غلامي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۽ اسلام تي مشتمل عدل وانصاف جي نظام کي رائج ڪرڻ مقصد هو.مگر افسوس پاڪستان جي آزادي کانپوء هتي اهوئي نظام رائج ٿيو.جيڪو انگريزن هن سرزمين ۽ عوام کي ڦرڻ جي لاء قائم ڪيو هو يعني ساڳيوئي جاگيرداري ۽ سرمائيداري تي مشتمل ظالم نظام قائم ٿيو.
جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته هتي ناڻي واري سوچ رکڻ وارن امريڪا ۽ برطانيا جي ڪارندن هتان جي عوام کي تاريخ کان وڍي ڪري ذھني غلام بڻايو.اسلام کي صرف مدرسن ۽ مسجد تائين محدود ڪيو ويو…تعليمي نظام ساڳيو ئي لارڊ ميڪاولي ۽ ايڊسمٿ جو معاشي نظام ميڪاولي جو سياسي نظام وغيره جي قانونن تي مشتمل نظام قائم ڪيو.۽ وڌيڪ غلامي جي لاء امريڪي آئي ايم.ايف کان قرض کڻي ڪري قومن کي بين الاقوامي غلامي جي ۡحوالي ڪيو ويو. اڄ ان جو نتيجو اهو نڪتو آھي قوم ڪجه غلامن ماڻھن جي غلامي ۾ آھي.65 سيڪڙو کان وڌيڪ زرعي پيداوار تي 1 سيڪڙو ماڻھن جو قبضو آھي. سموري قوم تي 22 چور خاندانن جو راڄ آھي ۽ انهن جي زمينن تي ڏينهن رات محنت ڪرڻ وارا سندن غلام.۽ رحم ڪرم تي آھن.
عالمي بينڪ جي مطابق هر اهو شخص جنهن جي روزاني آمدني ٻه ڊالر يا اڍائي سئو رپيا 250 کان گهٽ آھن.ان جو شمار کان هيٺ ھوندو آھي.ليڪن پاڪستان ۾ دئو روپيا 100 روزاني گهٽ ڪمائڻ وارن کي غريب سڏي ٿي.۽ پاڪستان۾ 100 رپين کان گهٽ ڪمائڻ وارو غريب تصور ٿيئي ٿو. 250 روپيا روزاني آمدني جي بين الاقوامي معيار جي مطابق پاڪستان جي 70 سيڪڙو آبادي غريب تصور ٿيئي ٿي.ليڪن 100 روپيا روزاني پاڪستاني معيار جي مطابق سرڪاري کاتن ۾ پاڪستان 74 سيڪڙو آبادي غريب آھي. پلاننگ ڪميشن جي تازي سروي جي مطابق پاڪستان ۾ 7 ڪروڙ 77لک هينئر به غربت هيٺ زندگي گهارڻ تي مجبور آھن.پنجاب ۾ غربت جي شرح 31.4 سنڌ ۾ 43 سيڪڙو.خيبر پختونخواه ۾ 49 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ غربت جي شرح 71 سيڪڙو آھي. اڍائي ڪروڙ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاھر آھن.ڇوت انهن کي غربت جي ڪري تعليم.جون سهوليتون ميسر ناهن .ساڳيوئي حال اسپتالن جو آھي.جتي ڪو اعلاج ناهي ڪا سهوليت ميسر ناهي بلڪ ملٽي نيشنل ڪمپنين اسان جي سموري صحت جي اداري کي ڪنٽرول ڪري رهيو آھي ته جيئن انهن جون دوائون وڌ کان وڌ وڪرو ٿين ۽ باقاعده پلاننگ سان گڏ ماڻھن ۾ مختلف بيماريون عام ڪيون وڃن ٿيون. پاڪستان جا اٺ ڪروڙ(8) 80 لک ڇھ ڪروڙ 50 لک فرد هڪ ڪمري تي مشتمل گهرن ۾ زندگي گذارين ٿا.بيروزگاري اسان جي لاء ڪينسر بڻجي وئي آھي.جڏھن ته پاڻ تعليم.صحت ۽ ٻين سهوليتن جو به وڏو فقدان آھي. 2016 ع جي رپورٽ جي مطابق پاڪستان ۾ ھر سال اٽڪل 48 هزار معصوم ٻارڙا اجل جو شڪار ٿين ٿا.جيڪي سڄي دنيا ۾ مرڻ وارن ٻارڙن جو ڏھ سيڪڙو آھن. ڪرونا بيماري جي سبب کان هينئر تائين 2 ڪروڙ کان وڌيڪ فرد بيروزگار ٿي چڪا آھن. ٻوڏن جي سبب کان لکين ماڻھو گهرن کان بي گهر ٿي وڃن ٿا.فصل تباه ٿي وڃن ٿا.زميني ورهاست جي غلط طريقيڪار جي سبب کان هزارين ماڻھو هڪ ٻئي کي قتل ڪري ڇڏين ٿا.اهو سڀ ڪجه غلط نظام ۽ قانونن جي سبب کان آھي. ان ريت اسان جي ملڪ ۾ جهجهي معدنيات موجود آھي.مگر ان کان فائدو ڪجه طاقتون حاصل ڪري رهيون آھن.صرف بلوچستان جي سيندڪ پروجيڪٽس ۾ روزاني هزارين ٽن جي قيمتي معدنيات نڪري ٿي .جن کان فائدو ڪجه ملٽي نيشنل ڪمپنيون ۽ ماڻھو حاصل ڪري رهيا آھن.ان کان علاوه سموري پاڪستان ۾ ڪوئلي.تيلگئس ۽ ٻين معدنيات جا ذخيره موجود آھن.جن کان ملٽي نيشنل ڪمپنيون .سول يا ملٽري بيوروڪريسي ۽ سياسي ماڻھو فائدو کڻي رهيا آھن. اسان جو سمورو نظام چاهي مقدس عدالت جو هجي.پوليس جو هجي.ٽيڪس جو هجي وغيره سڀ ڦرلٽ ۾ ۽ انهن سرمائيدارن جي خدمت ۾ مصروف آھن.ڇوت اهي قانون ۽ نظام ٺاھيا ئي سرمائيداري ۽ جاگيرداري جي لا ويا آھن. مٿيون طبقو چاهي جيترو به گناه.ملاوٽ .چوري وغيره ڪري انهن کي قانون عدالتون وغيره ڪجه به نٿيون چون.جڏھن ته هڪ معمولي مزدور هڪ معمولي ڏوھ ڪرڻ تي سالن جا سال سزا پوڳين ٿا. هڪ پاسي محل ته ٻئي پاسي غربت جي سبب کان ماڻھو فوٽ پاٿن تي زندگي گهارڻ تي مجبور آھن.هڪ پاسي اميرن جون عياشيون ته ٻئي پاسي غربت کان مجبور خاندان خودڪشيون.حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي حديث مبارڪ جنهن جو مفهوم آھي ته غربت انسان کي ڪفر تائين پهچائي ڇڏي ٿي.اڄ اسان جو ٽيون ماڻھو ڪفر جي براين۾ مبتلا آھي.ان جو سبب تربيتي نظام جو نه هجڻ ۽ دولت جي گردش صرف دولتمندن جي وچ ۾ ٿيئي ٿي.جنهن جي سبب کان سماج معذور ٿي وڃي ٿو.دولت ۽ تربيت جو مثال انساني جسم ۾ رت جي مثال آھي.جيڪڏھن رت جي گردش سموري بدن ۾ ٺيڪ آھي ته سمورو وجود ٺيڪ رهي ٿو.مگر جيڪڏھن انسان جي وجود جي جنهن حصي کانرت جي گردش رڪجي وڃي ته ان جي سبب کانجسم جو اهو حصو معذور ٿي وڃي ٿو.دولت جو مثال به سوسائٽي ۾ ائين ئي آھي.ان لاء الله تعالي اسلام جي معاشي نظام جو هڪ بنيادي اصول قرآن ۾ بيان ڪيو آھي.جنهن جو مفهوم آھي ته (دولت) توهان جي دولتمندن جي وچ ۾ ئي گردش نه ڪندي رهي .قرآن مجيد هڪ سياسي ۽ معاشي نظام ڏنو.جنهن کي اپنائي ڪري انسان حلال رزق ڪمائيندو ته رڪاوٽ نه ٿيندي.واقعي اڄ جيڪڏھن ٻه نمبري .فضول خرچي.ملاوٽ.بداخلاقي.انهن سڀني جو ڪارڻ اسلام جي حقيصي روح کان غافل رهڻ جو نتيجو آھي.اسان جي سماج ۾ مسئلن جو بنيادي سبب انهيء جسم ۾ رت جي گردش واري مثال جهڙو آھي.اڄَاسان وٽ آئي ايم.ايف جو وياجي نظام آھي.جنهن کان عوام.۾ مسئلا وڌي رهيا آھن.ان غليظ نظام جو مثال هڪ اهڙي تلاء جيان آھي.جنهن ۾ روزاني ماڻھو وهنجن ٿا.مگر جيڪو پاڻي تلاء ۾ وڌو وڃي ٿو اهو سمورو غليظ ھجي.ان جا اثر انساني جسم تي ٿيندا.ماڻھن کان بدبوء ايندي.ماڻھن ۾ مختلف قسم جون بيماريون پيدا ٿينديون.ماڻھو هڪ ٻئي کي چوندا ته تون غليظ آھين.تو ۾ بيماري آھي.هائي جيڪڏھن ماڻھو هزار ڀيرا صابڻ را ٻيون دوائون استعمال ڪري مگر وقتي فائدي کانسواء ڪجه به ٺيڪ نه ٿيندو.ليڪن جڏھن تلاء ۾ صاف پاڻي استعمال ڪيو ويندو ته سمورا مسئلا حل ٿيندا.ان ريت اسان جي نظام جو به ان غليظ تلاء جهڙو آھي.جيستائين غليظ پاڻي ۽ بدبودار انگريزن جا قانون اسان جي نظام ۾ ھوندا .انهن جي سببب کان سمورو ماحول خراب ٿيندو.ڇوت ماحو قانونن ۽ اصولن سان ٺھن ٿا.اڄ اسان جي نوجوانن کي ان لحاظ کان سوچڻ کپي ته ڇا اسان آزاد آھدون؟اڄ تامين اسان جي نوجوانن پنهنجي ملڪ وقوم کي انهن بدبودار 22 خاندانن ۽ آئي ايم.ايف جهڙي انسانيت دشمن وياجي نظام.کان آزادي ڏيارڻ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آھي.؟نه صرف اهو بلڪ اڄ جيڪڏھن اسان پنهنجي ملڪ ۾ چوڌاري نظر ڦيرائي ڏسون ٿا ته ظلم .بربريت.وحشيت.دوکو.نفرت جا بازار گرم آھن.اسان جي ملڪ جي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ دولت انهن انگريزي نسل جي 22 دجال خاندانن وٽ آھي. جن هن پنهنجو پاڻ کي تحفظ ڏيڻ جي لاء اھو انگريز وارو دجالي ۽ غلامي وارو نظام اسان جي مٿان زبردستي مڙھي رکيو آھي..افسوس ته اڄ اسان 22ڪروڙ عوام ان ننڍڙي دجالي ٽولي جو مقابلو نٿا ڪري سگهون.جن اسان کي فرقن ۽ نفرتن ۾ ورهائي ڇڏيو آھي.۽ انهيء بهاني سان اسان تي حڪومت ڪري رهيا آھن ۽ اسان خاموش تماشائي بڻيا انهن جي ظلمن وستمن.بربريت وحشيت جو شڪار ٿي رهيا آھيون.۽ ڪنڌ جهڪايون انهن جي غلامي کي ڇاتي سان لايون پيا آھيون .

پهنجو تبصرو موڪليو