عوام حتمي اعلان کان اڳ حج بڪنگ نه ڪرائين،مذهبي وزارت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) مذهبي معاملن واري وزارت پڌرو ڪيو آهي ته سعودي سرڪار اڃا تائين ڪنهن ملڪ کي حج 2021 جو ڪوٽا جاري ناهي ڪيو، حج ڪوٽا حاصل ڪرڻ بعد مذهبي معاملن واري وزارت حج پاليسي 2021 جو اعلان ڪندي. مذهبي معاملن جي ترجمان جو چوڻ هو ته ماڻهو حج واري وزارت جي حتمي اعلان کان پهريان حج بڪنگ نه ڪرائين، وزارت جي اعلان کان پهريان ڪنهن به شخص يا ڪمپني پاران حج بڪنگ کي غير قانوني سمجهيو ويندو. ترجمان چيو ته ڪجھه دوکي باز عنصر حج بڪنگ جي نالي تي عوام کي ٺڳي سگهن ٿا، عوام اهڙن دوکي بازن کان هوشيار رهي ۽ حج وزارت جي حتمي اعلان جو انتظار ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو