عمر اڪمل ٽيسٽ ٽيم ۾ واپسي جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نامور ڪرڪيٽر عمر اڪمل چيو آهي ته منهنجي هميشهه کان ڪوشش رهي آهي ته بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيان منهنجو ڪم عمده ڪارڪردگي ڏيکارڻ آهي رانديگر چونڊڻ سيليڪٽر جو ڪم آهي. قائد اعظم ٽرافي جي فائنل ۾ سينٽرل پنجاب طرفان کيڏندي ناردرن خلاف ڊبل سينچري اسڪور ڪندڙ عمر اڪمل چيو ته مان مسلسل محنت ڪري رهيو آهيان اميد آهي ته ٽيسٽ ۾ ٻيهر جڳهه ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندس. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڊوميسٽڪ سسٽم بهتر آهي ۽ سٺي ڪرڪيٽ ڏسڻ ۾ اچي پئي. اميد آهي ته انهن ميچن سان وڌيڪ رانديگرن کي موقعا ملندا. هن چيو ته هڪ بال تي ڪيريئر جو فيصلو نه ٿيڻ گهرجي جيڪڏهن موقعو مليو ته بهترين پرفارم ڪري سگهان ٿو. ٻئي طرف ناردرن جي حماد اعظم چيو ته قائد اعظم ٽرافي جي فائنل ۾ سينٽرل پنجاب جي پوزيشن بهتر آهي پر ڪوشش هوندي ته جلد ان کي ختم ڪنداسين. ٽئين ڏينهن جي اختتام تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته ميچ ۾ واپس اچي ٽورنامينٽ ۾ سٺو کيڏيو پر فائنل ۾ اهڙي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهياسين.

پهنجو تبصرو موڪليو