لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي پارٽي چيئرمين شپ تان هٽائڻ واري درخواست سنگل يا لارجر بينچ ڏانهن موڪلڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان کي پارٽي چيئرمين شپ تان هٽائڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.جسٽس عابد حسين مقامي وڪيل آفاق احمد ۽ ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار جي وڪيل جسٽس عابد حسين تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو.وڪيل دليل ڏيندي چيو ته توهان جو تعلق پي ٽي آءِ سان آهي، بهتر آهي ته درخواست ڪنهن ٻي بئنچ ڏانهن موڪلي وڃي.عدالت پڇاڻو ڪيو ته توهان چاهيو ٿا ته درخواست جي ٻڌڻي سنگل بينچ ڪري يا وڏي بينچ؟ درخواستگذار جي وڪيل چيو ته درخواست ڪريان ٿو ته فائل چيف جسٽس ڏانهن موڪلي وڃي.










