عمران خان جي گرفتاري جو سياست سان ڪو تعلق ناهي: مريم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته قانون ۾ اوهان کي پنهنجي عمل جو جوابده ٿيڻو پوندو آهي. اهڙو شخص جنهن جو عدالت ۾ ڏوهه ثابت ٿي چڪو هجي ان کي گرفتار ٿيڻو ئي آهي.برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري جو پاڪستان جي سياست ڪو تعلق نه آهي. ڪيس عدالتن ۾ رهيو، ڪيس جاچ جي مرحلي ۾ رهيو ۽ ٽرائل جي عمل مان به گذريو. جنهن کان پوءِ ٽرائل ڪورٽ فيصلو ڏنو.مريم اورنگزيب چيو ته الزام هئا ته هڪ شخص اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندو رهيو. هڪ شخص جيڪو پنهنجي دفاع ۾ شهادتون پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. وڌيڪ 4 ڪيس به آهن جيڪي ٽرائل ڪورٽ ۾ آهن جن مان هڪ ڪيس 19 ڪروڙ برطانوي پائونڊ بابت آهي. اهو ڪيس آهي جيڪو آخري انجام تائين پهتو ۽ ٽرائل ڪورٽ پنهنجو فيصلو نو. هڪ شخص 15 مهينن کان قانون کان ڀڳل رهيو. ان جي خلاف عدالت فيصلو ڪيو. ڪنهن به شڪ کان سواءِ بدديانتي ثابت ٿيڻ تي عدالت پنهنجو فيصلو ڏنو.هن چيو ته هڪ ڪيس سائفر بابت، هڪ 9 مئي ۽ هڪ پرڏيهي فنڊنگ جو ڪيس آهي. اهڙي شخص کي کلي ڇوٽ نٿا ڏئي سگهون جنهن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو. هن چيو ته نوازشريف جي عمران خان سان ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي. جڏهن 2018 جون چونڊون ويجهون هيون ته 3 ڀيرا چونڊيل وزيراعظم نوازشريف کي گرفتار ڪيو ويو. نوازشريف سمورن الزامن جو جواب ڏئي رهيو هو. ان کي ڌيءَ سان گڏ گرفتار ڪيو ويو ۽ جيل اماڻيو ويو. پي ٽي آءِ چيئرمين حڪومت ۾ آيو ته هن پنهنجن سمورن مخالفن کي جيل اماڻي ڇڏيو.وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪيو. نيب ۽ ايف آءِ اي کي استعمال ڪيو ويو جوڊيشل ڪمپليڪس تي حملو ڪيو ويو. پوءِ اسان 9 مئي جا واقعا ڏٺا. 9 مئي تي فوجي ٺڪاڻن، اسپٿالن ۽ ايمبولينس تي حملا ڪيا ويا.مريم اورنگزيب چيو ته ڪيپٽل هل تي حملي ۾ ملوث ماڻهن کي سزا ڏني وئي آهي. قانون ۾ اوهان کي پنهنجي عمل جو جوابده ڏيڻو پوندو آهي. اهڙو شخص جنهن جو عدالت ۾ ڏوهه ثابت ٿيو هجي ان کي گرفتار ٿيڻو ئي آهي. ٽرائل ڪورٽ ۾ ريفرنس اماڻيو ويو. 40 پيشين جي ذريعي دفاع جو موقعو به ڏنو ويو.وفاق وزير چيو ته زمان پارڪ ۾ پوليس جو پيٽرول بمن سان ڀليڪار ڪيو ويو. ٻارن ۽ عورتن کي انساني ڍال جي طور تي استعمال ڪيو ويو. پي ٽي آءِ چيئرمين 9 مئي تي سموري واقعي جو ماسٽر مائينڊ هو. 9 مئي واقعي تي پي ٽي آءِ چيئرمين چوي ٿو ته منهنجي ڪارڪنن کي ان جو جواب ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي گوشوارن بابت فارم بي ۾ ڪنهن به شيءِ کي ظاهر نه ڪيو. عمران خان پهريان تحفا وڪرو ڪيا پوءِ خريد ڪيا جنهن کان پوءِ رقم جمع ڪرائي وئي. عمران خان وٽ ته رسيدون به موجود نه آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو