3 ماڙ عمارت ڪرڻ جو واقعو، فوتين جو انگ 5 ٿي ويو

سکر(جيرام داس ) 3 ماڙ عمارت ڪرڻ سبب فوت ٿيلن جو انگ وڌي 5 ٿي ويو ريسڪيو آپريشن جاري آهي. رات 3 ماڙ عمارت ڪرڻ سبب 2 عورتون ۽ هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويا هئا وڌيڪ هڪ عورت سوڌو 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، 10 کان مٿي زخمين جو علاج جاري آهي. واضح رهي ته حسيني روڊ تي قائم ٽي ماڙ عمارت اوچتو ڊهي پئي هئي، جنهن دوران ملبي مان عورتن ۽ ٻارن سوڌو 15 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، ٻارڙي سوڌو ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا هئا اڄ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، فوتين ۾ هڪ ورهين جو جبران ولد ارسلان مغل، 35 ورهين جي مسمات شاهين زال ارسلان مغل، 30 ورهين جي خالده زال عدنان مغل، 40 ورهين جي فردوش زال خالد محمود ۽ 18 ورهين جو ارتضيٰ مغل ولد طلعت مغل شامل آهن. واقعي واري هنڌ ريسڪيو آپريشن جاري آهي، وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهن، فوتين جو انگ پڻ وڌڻ جو خدشو آهي. زخمين ۾ 32 ورهين جو ارسلان مغل ولد طلعت محمود، 26 ورهين جو احمد بلال ولد محمد حيات، 30 ورهين جو محمد آصف ولد محمد امين، 35 ورهين جو عبدالحميد ولد عبدالصمد، 3 ورهين جي انابيه ڌيءَ عدنان مغل، 6 ورهين جي منيزه ڌيءَ عدنان مغل، 28 ورهين جو احتشام ولد طلعت محمود، 32 ورهين جي رابعيه زال آصف، 64 ورهين جي مسمات رضيه زال محمود، 2 ورهين جو حسام ولد محمد علي، 15 ورهين جي قدسيه ڌيءَ خالد، 3 ورهين جي نازيه ڌيءَ آصف محمود، 30 ورهين جو شيراز ولد غلام حسين شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو