علم نجوم، ٽرمپ، مريم، شهباز ۽ مراد شاهه ڏکيا ڏينهن شروع

عمرڪوٽ(ن س) سنڌ جي جڳ مشهور ايسٽرولوجسٽ ۽ پامسٽ ڀڳوانداس جٽيا ستارن جي پوزيشن ۽ چر پر جي مشاهدي بعد صلاح ڏني آهي ته ” ش، س، ص، م ، ٽ، غ، گ “ جي لفظن سان شروع ٿيندڙ نالي وارن ماڻهن کي 15 آگسٽ کان 15 آڪٽوبر تائين انتهائي احتياط ڪرڻ گهرجي. جهيڙو ۽ تڪرار، لکپڙهه، معاهدو ڪرڻ، ڏيتي ليتي، شاهدي، ضمانت ڏيڻ جهڙن معاملن کان پاڻ کي الڳ رکي. جذبات کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هن ٻڌايو آهي ته زحل ۽ مريخ جي مٿي ڄاڻايل لفظن وارن نالن جي ماڻهن جي خانن ۾ گڏيل نظر پوي ٿي. جنهن ڪري هو ذهني دٻاءَ جو شڪار ٿي سگهن ٿا. خرچ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو ڪوشش ڪري در گذر ڪريو، صبر کان ڪم وٺو. لال ڪتاب جي آڌار تي علم نجوم جي مهارت رکندڙ ڀڳوانداس جٽيا موجب ٽرمپ، مريم نواز، ماهرا خان، سنڌ حڪومت، مراد علي شاهه، مهوش حيات وغيره ان عرصي دوران ذهني دٻاءَ جو شڪار رهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو