علمي ادارا نوجوانن جو مستقبل سنوارين ٿا؛ ڊپٽي ڪمشنر

نوشهروفيروز (مشتاق حسين مري) غلام مجبتيٰ جتوئي پبلڪ لائبرري کي وڌيڪ خوبصورت ۽ پڙهندڙ شاگردن ۽ محققن لاءِ وڌيڪ سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ هڪ افتتاحي تقريب ٿي گذري جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر، اديبن، ساڃاهه وندن، سماجي ورڪرن، مختلف اسڪولن جي شاگردن  ۽ استادن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز ريٽائرڊ ڪيپٽن بلال اڪبر رائو خطاب ڪندي چيو ته هي علمي ادارا نوجوانن جو مستقبل سنوارڻ لاءِ جوڙيا ويندا آهن. ڪتاب دوست ٿيندو آهي ۽ ڪتابن کان سواءِ علم جي روشني نه ٿي ملي سگهي ان لاءِ ضلعي جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ هن لائبرري جيان ٻيون به اهڙيون علمي درسگاهون جوڙڻ گهرجن. ان سان ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ مستقبل جا سائنسدان به پيدا ٿي سگهن ٿا. ان لاءِ اسان جي اديبن ۽ قلمڪارن کي به ههڙن ادارن جي همٿ افزائي ڪرڻ گهرجي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر تاشفين عالم چيو ته جڏهن نوشهروفيروز ۾ آيس ته پنهنجي ذهن ۾ سوچيم ته ڪو اهڙو ڪم ڪجي، ڪو اهڙو معياري ادارو جوڙجي جتان ڪو بهترين انسان پيدا ٿي سگهي هي لائبرري اڳي ئي موجود هئي پر ڪي سهولتون نه هيون جنهن جي ڪري ان کي ٻيهر جيئارڻ ۽ بهتر بڻائڻ لاءِ قدم وڌايوسين ۽ ٿورڙي ئي عرصي ۾ ٿوري محنت سان هي علمي ادارو خوبصورت بڻجي ويو آهي ان کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ شهرين ۽ ضلعي جي ماڻهن جو ڪم آهي وس وارن ماڻهن کي هن اداري جي خدمت ڪرڻ گهرجي.

اسڪولن توڙي ڪاليجن جي استادن توڙي شاگردن کي هن اداري جو رخ ڪرڻ گهرجي ان سان شعور جي لاٽ ٻري سگهي ٿي. ان موقعي تي ٽائون چيئرمين پيرخالد سيف الله، لائبرري انچارج ۽ ليکڪ گل محمد گل مورو، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر سجاد ميمڻ، غلام نبي مري، پريس ڪلب جو صدر ايم ظفر تڳر، معشوق وڳڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر سميت سٽي اسڪول، بحريه فائونڊيشن اسڪول، گرلس اسڪول، آءِ بي اي ۽ ٻين ادارن ۽ شخصيتن لائبرري لاءِ اي سي، ڪتابن، خوبصورت چارٽن جا تحفا لائبرري حوالي ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو