عرفان بلوچ مدئجي ٿاڻي جي نئين عمارت جو افتتاح ڪيو

مدئجي)نويداحمد دل) ڊي  آء جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ، ايس ايس پي شڪارپور ساجد امير سدوزئي اي ايس پي شڪارپور فاروق امجد بٽر مدئجي پھچي ٿاڻي جي نئين عمارت جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي  ميڊياسان ڳالھائيندي  ڊي اء جي لاڙڪا ڻو عرفان بلوچ چيو ته جيڪي به شڪارپور ضلعي اندر قبائلي تڪرار ۽ ڏوهه آھن انھي تي ضابطو آندو ويو آھي. ھن وڌيڪ چيو ته چڪ واقعي ۾ جيڪي پوليس اھلڪار شھيد ٿيا آھن انھن جو دلي صدمون پھتو آھي ۽ آپريشن ھلندڙ آھي جنھن ۾ ٻه ڏوھاري ماريا آھن ۽ اڃا به آپريشن  کي تيز ڪيو ويندو جيستائين ڪوسٺو نتيجو نه ٿو ملي. ھن وڌيڪ چيو ته پوليس جو ڪم آھي ڪرائيم ڪندڙ ھجي يا ٻيو ڪير به ھجي انھي کان ڪينئن ڪم وٺبو آھي رھيو سوال پوليس آفيسر عبدالقادر چانڊيو جي سوشل ميڊيا تي جيڪا وڊيو وائرل ٿي آھي انھي جي انڪوائري پڻ ھلندڙ آھي ۽ سڄي سنڌ کان لاڙڪاڻي  ڊويزن ۾ امن امان جي حوالي سان بھتر آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو