عدالت افتخار لنڊ جي ضمانت رد ڪندي گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو

گهوٽڪي(رپورٽ حميد ڪلادي )پي ٽي آءِ اڳواڻ پاران ڊرائيور تي انسانيت کي لڄائيندڙ تشدد ڪيس ۾ عدالت افتخار لنڊ جي ضمانت رد ڪري ڇڏي ۽ کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت پاران سرڪاري وڪيل جي استدعاٰ تي ضمانت رد ڪئي وئي. نامزد جوابدار افتخار لنڊ پاڻ عدالت ۾ پيش نه ٿيو، سندس وڪيل لياقت ملاڻو پيش ٿيو ۽ عدالت کي ٻڌايو ته فريادي سان ٺاهه ٿي ويو آهي، هن ٺاهه بابت فريادي جو بيان به جمع ڪرايو. ياد رهي ته تحريڪ انصاف اڳواڻ، پنهنجي ٽرانسپورٽ جي ڊرائيور جي ويهڪ واري جاءِ ۾ لوهي راڊ وجهي تشدد ڪيو هو ۽ بعد ۾ ٺهي ويه هئا. ڪيس ۾ نامزد جوابدارن مان ٽي ڄڻا پوليس وٽ گرفتار ٿيل آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو