آصف زرداريءَ اڊيالا جيل مان آزاد، اسپتال مان گهر منتقل

اسلام آباد (اياز مهر) احتساب عدالت پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي آزادي بابت رليز آرڊر جاري ڪرن بعد اڊيالا جيل مان کيس آزاد ڪيو ويو. پمز اسپتال جي جنهن ڪمري کي جيل قرار ڏنو ويو هو اتان جيل عملو واپس هليو ويو آهي. فرحت الله بابر موجب زرداري صاحب اسپتال مان اسلام آباد واري گهر يعني زرداري هائوس منتقل ٿئي پيو جنهن بعد ڊاڪٽرن جي مشوري سان ڪراچي روانو ٿيندو. وفاقي دارالحڪومت جي عدالت ۾  آصف زرداري جا وڪيل ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين ڪيس ۾ ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ لاءِ پهتا. ان موقعي تي رب نواز ۽ سردار توقير آصف زرداري جا ضمانتي مچلڪا رجسٽرار احتساب عدالت کي پيش ڪيا جنهن تي رجسٽرار ضمانتي مچلڪن سان گڏ دستاويز جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. دستاويزن جي تصديق بعد رب نواز ۽ سردار توقير بطور ضامن هڪ هڪ ڪروڙ رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرايا ان دوران راجا صابر ۽ راجا زاهد ضمانتي مچلڪن متعلق گواهي ڏني. ان موقعي تي احتساب عدالت جي جج محمد اعظم خان پڇيو ته توهان کي معلوم آهي ته توهان ڪهڙي ڪيس ۾ ضامن بڻجي رهيا آهيو جنهن تي رب نواز جواب ڏنو ته جي اسان کي معلوم آهي. جنهن تي احتساب عدالت جي جج محمد اعظم خان آصف زرداري جي آزادي لاءِ سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل ڏانهن لکيو. واضح رهي ته اڳوڻو صدر آصف زرداري طبيعت جي خرابي سبب پاڪستان انسٽيٽيوٽ ميڊيڪل سائنسز پمز ۾ زير لاج هيو جتان هو آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي لاءِ روانو ٿيندو. ياد رهي ته 11 ڊسمبر 2019 تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي طبي بنيادن تي ضمانت واري درخواست منظور ڪئي هئي. عدالت پنهنجي 5 صحفن تي مشتمل تحريري فيصلي ۾ چيو آهي ته آصف زرداري تي مني لانڊرنگ جا الزام آهن جيستائين الزام ثابت نه ٿا ٿين آصف زرداري بيگناهه آهي ان ڪري هڪ هڪ ڪروڙ رپين جي مچلڪن عيوض طبي بنيادن تي سندن ضمانت منظور ڪجي ٿي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي صدر خلاف اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ مني لانڊرنگ جو ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي ليڪن صرف ڪنهن خلاف ڪيس ٻڌڻي هيٺ ٿيڻ تي ان جا بنيادي حق ختم ناهن ٿيندا ۽ آصف زرداري کي بنيادي آئيني حق کان محروم نه ٿو رکي سگهجي. عدالتي فيصلي ۾ اهو به چيو ويو ته ميڊيڪل رپورٽ کي ڏسندي ضمانت نه ڏيڻ آصف زرداري جي بنيادي حقن جي خلاف ورزي ٿيندي قيد ۾ هوندي آصف زرداري جو علاج قومي خزاني کان ٿي رهيو هو ليڪن ضمانت تي آزادي بعد هو پنهنجي خرچ تي علاج ڪرائيندو. تحريري حڪم نامي ۾ عدالت عظميٰ جي فيصلي جو حوالو ڏيندي چيو ويو ته سپريم ڪورٽ چئي چڪي آهي ته جرم ثابت ٿيڻ تي ڪنهن کي مليل ضمانت جو ازالو ممڪن آهي. سپريم ڪورٽ اهو به چيو آهي ته بي قصور ثابت ٿيڻ تي ڪنهن کي پهريان قيد ۾ رکڻ جو ڪو به ازالو ناهي ٿيندو. زرداري جي ڪيسن کي مد نظر رکندي ضمانت نه ڏيڻ سزا جي برابر آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ عدالت ۾ اڳوڻي صدر پنهنجي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ معرفت عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس ۽ پارڪ لين ڪيسن ۾ ضمانت کان پوءِ جي گرفتاري جي درخواست داخل ڪرائي هئي. آصف زرداري ۽ ان جي ڀيڻ فريال ٽالپور ۽ ٻيا ماڻهو جعلي بينڪ اڪائونٽ ذريعي ڪرپشن ۽ پارڪ لين پرائيويٽ لميٽڊ ۽ پارٿينن پرائيويٽ لميٽڊ لاءِ مالي معاونت ۾ غبن جي الزامن کي منهن ڏئي رهيا آهن. نيب طرفان الزام آهن ته هنن بي ضابطگين سبب 3 ارب 77 ڪروڙ رپين جو قومي خزاني کي نقصان پهچايو آهي. پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين کي 10 جون تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ضمانت رد ٿيڻ تي نيب گرفتار ڪيو هو جنهن بعد ابتدائي طور تي ان جو جسماني رمانڊ ڏنو ويو هو. ان کان پوءِ مني لانڊرنگ جي الزام ۾ گرفتار آصف زرداري جو عدالتي رمانڊ ڏنو ويو ۽ ان کي جيل موڪليو ويو جتي ان جي طبيعت خراب ٿيڻ تي ان کي پمز اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو