عدالتي حڪم تي لنڊڪي شاخ ۾ لڳل نوليون پٽجي ويون

مورو (ن س) انجنيئر ايريگيشن روھڙي ڊويزن مورو سيد اعجاز علي شاھ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي پوليس ۽ ايريگيشن عملي سان گڏجي لنڊڪي شاخ سميت مختلف شاخن تي اوچتا ڇاپا ھڻي لڳل غير قانوني نوليون ڪڍرائي سخت آپريشن ڪيو ۽ چوري ۾ ملوث آبپاشي عملي کي فوري طور سسپينڊ ڪري کين ھيڊ آفيس روانو ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي غير قانوني نوليون لڳائي پاڻي چورن خلاف مورو ٿاڻي تي ليٽر موڪليو ويو انجنيئر سيد اعجاز شاھ جي ڪيل سخت آپريشن کانپوءِ پاڻي چورن ۾ ٿرٿلو مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو