عثمان بزدار پاران بئراجن تي مبصر مقرر ڪرڻ جو مطالبو

لاھور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير طرفان سنڌ ۽ پنجاب جي بئراجز تي غيرجانبدار مبصر مقرر ڪرڻ جو مطالبو، عثمان بزدار ملڪ جي سمورن پارليامينٽيرينز کي پنجاب جي بئراجز جا دوري ڪرڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي، پنجاب جي وڏي وزير چيو آهي ته اُميد ته سنڌ به پنجاب جي اسيمبلي ميمبرز کي پنهنجي بئراجز جا دورا ڪرڻ جي دعوت ڏيندي، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو آهي ته پيپلز پارٽي پاڻي مسئلي تي پنجاب ۽ سنڌ جي عوام کي ويڙهائي ڪهڙو پيغام ڏيڻ گهري ٿي، سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ تان ڌيان هٽائڻ لاءِ پاڻي مسئلو اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سنڌ ۾ غريب آبادگار پاڻي جي سنگين کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ اڌ سچ ڳالهايو، موسمياتي تبديلين سبب درياهن ۾ پاڻي گهٽجي ويو، پنجاب کي به سندس حصي کان 37 سيڪڙو گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي، پيپلز پارٽي کي سمجهڻ گهرجي ته برسات گهڻي ٿيندي آهي ته پاڻي گهڻو ايندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو