طاقت جو استعمال صورتحال کي خراب ڪندو: پاڪستان

طاقت جو استعمال صورتحال کي خراب ڪندو: پاڪستان

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار چيو آهي ته ايران ۽ خطي جي صورتحال تي خدشا آهن ۽ طاقت جو استعمال صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪندو، سفارتڪاري اختيار ڪرڻ گهرجي.گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار چيو آهي ته هڪ مستحڪم ايران پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي.عاصم افتخار چيو آهي ته گڏيل قومن جو چارٽر طاقت جي استعمال جي مخالفت ڪري ٿو ۽ ٻاهرين مداخلت به گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف آهي.هن چيو آهي ته سڀئي تڪرار پرامن طريقي سان ۽ بين الاقوامي قانون جي مطابق حل ٿيڻ گهرجن.هن وڌيڪ چيو ته کيس اميد آهي ته ايران ۾ صورتحال جلد معمول تي ايندي، ٻاهرين دٻاءُ، اندروني انتشار ختم ٿي ويندو.هن چيو ته ايران پاڪستان جو ڀائر پاڙيسري آهي ۽ پاڪستان مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکندو.

پهنجو تبصرو موڪليو