ضياءِ شاهي جي ننگي آمريت جو شهيد نذير عباسي

طفيل مگسي
سنڌ ڀوميء جنهن هر دور ۾ پنهنجي ڪک منجهان وڏن وڏن عظيم شاعرن.مفڪرن.اديبن.انسان دوست.قومپرستن ۽ سرفروشن کي جنم ڏئي ڪري پنهنجو مان مٿاهون ڪيو آھي.جن هر دور ۾ انسانيت جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي سهارو ڏئي ڪري ۽ مظلومن جي حقن جي لاء سچ جو ساٿ ڏئي مارشل لا جي ڪارن قانونن کي تار تار ڪيو.پوء ڇو نه اها ايوبي آمريت هجي يا ضياء شاهي جو ننگو آمريتي.وحشي.۽ خونخوار دور هجي.ليڪن انهن عظيم بيباڪ بي مثال.۽ لازوال انسان دوستن.ڪڏھن قلم جي نوڪ منجهان ڦٽي نڪتل سچ سان انهن ظالمن.وحشين.۽ خونخوارن جون سسيون ڌڙ کان ڌار ڪيون آھن.ته ڪڏھن ضمير جي آواز سان لبيڪ چئي ترخانن.تاتارين.ارغونن.افغانين۽ ايرانين کي ڌرتي تان هڪلي ڇڏيو.بلڪ سندن ناء ونشان ڀه سڌ کان مٽائي ڇڏيو.تاريخ اڄ به شاھد آھي ته ڪيئن نه پنهنجي جوء جا جوڳي پنهنجن ڦاسين جي ڦندن جا سينگار بڻيا.مگر ڪڏھن به استحصالي سامراجي قوتن جي اڳيان آڻ نه مڃيائون.اهڙن عظيم ۽ لازوال ڪردارن منجهان هڪ عظيم ۽ اڻوسرندڙ شھيد نذير عباسي به هڪ آھي.جنهن کي آمريت جي آقائن پنهنجي ننگي جارحيت جو مظاھرو ڪندي 9آگسٽ جي ٻاٽ اونداهي رات گهاون مٿان گهاو ڏيندي هن جنم.ڀومي جي باهمت .با اصول.باغيرت ۽ باضمير سورمي کي خوني بگهڙن حوالي ڪري ڇڏيو هو.جيڪو هڪ اهڙي راه تي پئي هليو جنهن جي وک وک تي تڪليفون ۽ ڏک ڪارن واسينگ نانگن جيان ڪر کنيون بيٺا هئا.پر هن عظيم پٽ انهن راه وارين ڏکن ۽ تڪليفن کي هڪ نظر به نه ڏٺو.ڇوته ڪنهن انگريز شاعر جيان ته.
“جبل جا ڀٿر ديوارون نٿيون ٿي سگهن.۽ لوهيون سيخون جيل جا دروازا نٿيون ٿي سگهن.“يعني جن عظيم.ماڻھن جو پنهنجن ويڙھيچن سان وچن ٿيل هجي ته انهن عظيمن جي اڳيان دنيا جو هر عمل ۽ فڪر نيچ هوندو آھي.هو اهڙي ڪاڪ جو مينڌرو هو ته جتي سرن جا سودا به بنه سستا هوندا آھن.شھيد نذير عباسي نانء آھي انهيء سچ.سونهن ۽ صداقت جي اڻ وسامندڙ مشعل جو؛؛ جيڪا تاحيات روشن رهندي آھي.بقول شھيد جي چواڻي ته.
منهنجي زندگي هڪ گيت آھي
منهنجو موت جدوجهد جو سڏ آھي.
شھيد نذير عباسي جي زندگي جو مقصد جدوجهد ۽ جستجو هو.اها جدوجهد جنهن ۾ ڌرتي جي ڏکن سورن کان وٺي ننڍڙي ٻالڪ جي مرڪ کسجڻ تائين.هن ڌرتي جي عزت ۽ قوم جي غيرت خاطر زندگي جي پرواه نه ڪئي.شھيد نذير عباسي .جنهن ڌرتي.ٻولي ۽ ڌرتي ڌڻين جي خاطر مقتل گاهن جي مرڪي آجيان ڪئي.اهڙي موت کي وڏو اعزاز سمجهائين.جنهن پنهنجي ريٽي رت جو ڦڙو ڦڙو پنهنجي ڌرتي ۽ ٻوليء خاطر جدوجهد جي راه ۾ وهائڻ کان نه ڪيٻائيندي جيجل جي سينڌ ۾ سندور ڀريندي.ريٽي رت سان ڌرتي جي “مان ۽ شان“سان آشيرواد ڏنو.جنهن سامراجين جي ٽارچر سيلن ۾ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم جي روايتن کي اجاگر ڪندي .مارئي جي لوئي جي لڄ رکندي سقراط جيان شهادت جو پيالو پيتو. نذير عباسي جيڪو اڄ به امر آھي ۽ تاقيامت تائين امر رهندو.جيڪڏھن اسان هن وقت به سندس مشعل. پيغام ۽ جدوجهد جي لاء قربانيون ڏئي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪريون ته سندس اڌورا خواب ۽ خيال هڪ ڀيرو وري پورا ڪري سگهون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو