صوفي فنڪار جي گهر تي پوليس چڙهائي خلاف احتجاج

ميهڙ(غلام حسين پنھور) صوفي فنڪار عبدالمجيد جتوئي جي گھر تي پوليس چڙھائي خلاف فنڪارن ۽ سول سوسائٽي طرفان نيشنل پريس ڪلب  اڳيان احتجاجي مظاھرو  ڪيو ويو. ٻيٽو روڊ تي صوفي راڳي عبدالمجيد جتوئي جي گھر تي بلاجواز پوليس چڙھائي ڪري گهر ۾ ڀڃ ڊاهه خلاف واري  واقعي خلاف  فنڪارن ۽ ھيومين سوشل فائونڊيشن جي اڳواڻن صدر ذوالفقار ٻگھيو عبدالمجيد جتوئي، طارق چانڊيو، شير سمون، پنھل ملاح، شهزور نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پوليس خلاف نعرا هنيا ويا. مظاهرين چيو ته پاڙي جي گهر ۾ چوري جي شڪ تي صوفي فنڪار جي گھر تي ايس ايڇ او ميھڙ عبدالمنيم لاڙڪ اي ايس آ۽ منظور منگي رياض ڏيپر سوڍل سولنگي جي اڳواڻي ۾ بلاجواز چڙھائي ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي. هنن الزام هنيو ته پوليس عورتن سان بدتميزي ڪئي ۽ چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو . اي ايس آءِ منگي جو چوڻ آهي ته سندن خلاف شڪ ظاهر ڪيو ويو  هو ۽ اسين پردو ڪرائي پوءِ داخل ٿيا هئاسين. جڏهن ته فنڪار جو چوڻ آهي ته جنهن جي چوري ٿي آهي ان بيان ڏنو آهي ته هن کي مٿس ڪو به شڪ ناهي. مظاهرين ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته هو نوٽيس وٺي جاچ ڪري زميوارن کي سزا ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو