صنعتي زونن جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻايون پيا: ڌاريجو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صنعت ۽ گڏيل امداد کاتن واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته سنڌ جي صنعتي زونز ۾ هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جي لاڳت سان انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻايو پيو وڃي. سائيٽ ايسوسيئشن 27 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ڪراچي جي روڊن کي بهتر بڻائي رهي آهي. سائيٽ ايريا ۾ فائر اسٽيشن کي هلائڻ لاءِ ضروري گهربل عملو فراهم ڪيو ويندو، جڏهن ته سائيٽ ايسوسي ايشن ڪراچي لاءِ 2 فلائي اوور جي منظوري ڏني وئي آهي. هن اهڙن خيالن جو سائيٽ ايسوسيئيشن ڪراچي جي دوري جي موقعي تي هڪ اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي سيڪريٽري صنعت ۽ واپار عبدالرشيد سولنگي ۽ ايم ڊي سائيٽ طارق کوکر پڻ صوبائي وزير سان گڏ هئا. سائيٽ ايسوسيئيشن جي عهديدارن صوبائي وزير کي سائيٽ تي هلندڙ ترقياتي ڪمن بابت آگاهه ڪيو. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت 27 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان سائيٽ ايريا ۾ روڊ ٺاهيا آهن. سنڌ جي صنعتي زونن ۾ هڪ ارب رپين کان وڌيڪ لاڳت جا ترقياتي ڪم ڪرايا پيا وڃن. هن چيو ته سائيٽ جي ترقياتي ڪمن ۾ سائيٽ ايسوسيئيشن جي عملدارن جي شموليت کي يقيني بڻايو ويندو. صنعتي زونن ۾ انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، صنعتڪارن جي سهڪار کانسواءِ صوبي ۾ ترقي ممڪن ناهي. صنعت واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته سنڌ حڪومت پاران واٽر سپلاءِ ۽ ڊرينيج جو هڪ گڏيل پلان پڻ ڏنو پيو وڃي. جيڪڏهن سنڌ کي ان جو حصو ڏنو وڃي ته ڪراچي جي صنعت وڌيڪ ترقي ڪندي. سنڌ سڀ کان وڏو گئس پيدا ڪندڙ صوبو آهي. گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب صنعتڪار پريشان آهن، وفاقي حڪومت ان مسئلي جي حل لاءِ قدم کڻي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو