صنعان قريشي ۽ ساٿين جي آزادي لاءِ احتجاج

ٽنڊوباگو (رپورٽ سھيل سمون) تلهار ۾ سنڌ صوفي سنگت جي اڳواڻ آڪاش ملاح، جسقم ڪارڪنن حسين نظاماڻي ۽ ٻين ڪارڪنن پاران بحريا ٽائون خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ھنن مطالبو ڪندي چيو ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ ٻين گرفتار سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪري ملڪ رياض سميت سنڌ جي زمينن تي ولار ڪندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي. ياد رهي ته ٽن مان صنعان خان قريشي سميت 147 ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ضمانت ٿي چڪي آهي رڳو هڪ ڪيس رهي ٿو. 8 ڪارڪن اڳ ۾ ئي آزاد ٿي چڪا آهن، زين شاهه سميت 5 ڪارڪنن اڃا ضمانت لاءِ درخواست ئي داخل ناهي ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو