صفائي عملي جي هڙتال، شهر ۾ گندگي جا ڍير

ملير (درياخان شر) گلشن حديد جي ٽن يونين ڪائونسلز جي صفائي ڪندڙ عملو جي بک ھڙتال جاري، ٽن يوسيز ۾ صفائي جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿيڻ ڪري گندگي جا ڍير لڳي ويا. احتجاج ڪندڙ ملازمن خادم جمالي، شھزاد فقيرا، گڊو عرف ميرجنيد، بابا صفدر، پروين ۽ خورشيد ميڊيا سان ڳالھيندي چيو ته اسان سان واعدو ڪيو ويو ته پگھار ۾ اضافو ڪيو ويندو پر اسان جي پگھار ۾ ڪو به اضافو نه ڪيو ويو آھي.

اسان جي ٽن سالن کان پگھار 15000 روپيا آھي ۽ گورنمينٽ جي اعلان مطابق گھٽ ۾ گھٽ پگھار 17500 روپيا مقرر ڪئي وئي آهي پر اسان کي ٽن  مهينن کان پگهارون وڌائڻ جي آسري ۾ رکندا پيا اچن ۽ اسان کي نه ڪا ميڊيڪل جي سھولت ملي آھي. مظاھرين پيادل مارچ ڪندا حديد ويلفيئر ٽرسٽ جي آفيس تي ڌرڻو ھڻي ڇڏيو جنھن بعد حديد ويلفيئر ٽرسٽ جي انچارچ علي حسن ھڪڙو ۽ مظاھرين وچ ۾ ڳالھيون ٿيو. مظاھرين پنھنجا مطالبات رکندي چيو ته  پگھار 15000 روپيا مان وڌائي 17500 روپيا ڪري ميڊيڪل جي سھولت به ڏني وڃي. جڏھن ته  حديد ويلفيئر ٽرسٽ مظاھرين جا مطالبات مڃڻ کان صاف انڪار ڪندي اعلان ڪيو ته اسان صفائي عملي جي نئين ڀرتي ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو