صدر ٽرمپ جو وڏو ڪارنامون؛ آمريڪا خلائي فوج ٺاهي ورتي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) هن وقت وڏيون قومون ڪائنات جا راز کوٽڻ ۾ سرگرم آهن ۽ ان سان گڏ مستقبل، حال ۾ خلا ۾ برتري حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ به جاري آهي. ان سلسلي ۾ هڪ وڏي پيش رفت آمريڪا طرفان خلائي فوج جي قيام جي صورت ۾ سامهون آئي آهي جنهن جو آغاز صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪيو آهي. گذريل 70 سالن ۾ هي پنهنجي نوعيت جي پهرين آمريڪي فوج آهي. آمريڪي صدر 2020 جي نيشنل ڊفينس آٿوريزيشن ايڪٽ تي دستخط ڪري ڇڏي آهي، فوج جي تياري هن ايڪٽ جو اهم حصو آهي. ان موقعي تي صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته هن آمريڪي سيڪيورٽي بابت پنهنجي سڀ کان وڏي ترجيحن مان هڪ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. واشنگٽن ٻاهران جوائنٽ بيس اينڊريوز تي دستخط جي تقريب دوران صدر ٽرمپ چيو ته خلا ترقي يافته قومن وچ ۾ جنگ جو نئون ميدان بڻجي رهيو آهي ۽ اها اسان جي قومي سلامتي لاءِ وڏن خطرن مان هڪ آهي. هن چيو ته خلائي ميدان ۾ آمريڪي برتري بنيادي اهميت رکي ٿي جيتوڻيڪ اسان ان ۾ ٻين کان گهڻي حد تائين اڳتي آهيون ۽ تمام جلد ٻين ملڪن تي فيصلا ڪن برتري حاصل ڪري وٺنداسين. ياد رهي ته صدر ٽرمپ پنهنجي انتخابي مهم دوران خلائي پروگرام تي تمام گهڻو زور ڏنو هو، آمريڪي فوج لاءِ به اهو اطمينان بخش پهلو آهي جو ان پروگرام ذريعي خلا ۾ آمريڪي مفادن جو تحفظ ممڪن بڻجي سگهندو. ياد رهي ته ان مرحلي جو مقصد فوجي دستي کي خلا ۾ موڪلڻ جو مقصد ناهي. سيڪريٽري دفاع مارڪ ايسپر چيو ته خلاف سان متعلقه صلاحيتن تي اسان جو انحصار تيزي سان وڌي رهيو آهي ۽ موجوده حالتن ۾ ٻاهرين خلا جنگي ميدان جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي. ان رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خلا ۾ ڪم ڪرڻ جي آمريڪي آزادي کي سنجيده ۽ وڌندڙ خطرا لاحق آهن. جون 2018 ۾ صدر ٽرمپ پينٽاگون کي حڪم ڏنو هو ته هو خلائي فوج جي تياري جو ڪم شروع ڪن. ان موقعي تي هن ان ڪم کي خلا ۾ آمريڪي برتري حاصل ڪرڻ جي ڪوششن کي هڪ حصو قرار ڏنو. ان منصوبي جي ڪيترن ئي ڊيموڪريٽس ميمبرن مخالف به ڪئي پر صدر ٽرمپ پنهنجي عزم تي ڄميل رهيو. فوج جو اهو نئون شعبو بحريه، بري فوج يا فضائي فوج وانگي ڪو الڳ شعبو نه هوندو پر فضائي سيڪريٽري ان جو انتظام سنڀاليندو. آمريڪي قانون مطابق فور اسٽار جنرل جيڪو چيف آف اسپيس آپريشن جي نالي سان ان فوج جي قيادت ڪندو، اهو جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جو هڪ ميمبر هوندو. ٻين فوجي ادارن جي مقابلي ۾ خلائي فوج مختصر هوندي، شروع ۾ اها صرف 200 ماڻهن تي مشتمل هوندي ۽ ان جي پهرين سال لاءِ 4 ڪروڙ ڊالر بجيٽ رکي وئي آهي. هن وقت آمريڪا جي بري فوج ۾ 4 لک 80 هزار فوجي فرائض سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽ ان جي سالانه بجيٽ تقريبن 181 ارب ڊالر آهي. جڏهن ته پينٽاگون سالانه 14 ارب ڊالر خلا بابت آپريشنز تي خرچ ڪندو آهي ان جو گهڻو حصو فضائي بجيٽ ۾شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو